| ڊيزل 32.12 رپيا سستو: پيٽرول جون قيمتون برقرار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف ڊيزل جي قيمت ۾گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڊيزل جي قيمت ۾ 32 رپيا 12 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي، منظوري بعد ڊيزل جي قيمت 385.54 رپين مان گهٽجي 353.43 رپيا ٿي وئي آهي. وزير اعظم شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي سختيءَ سان هدايت ڪندي ڪندي چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي عوام تائين پهچايو وڃي.جڏهن ته پيٽرول جي قيمتن ۾ لاٿ جو اعلان نه ڪيو ويو.