ڊيفالٽ جي صورت ۾ قرض وٺندڙ جي  ملڪيت ضبط ٿيندي: فنانشل انسٽيٽيوشن ترميمي بل منظور

ڊيفالٽ جي صورت ۾ قرض وٺندڙ جي  ملڪيت ضبط ٿيندي: فنانشل انسٽيٽيوشن ترميمي بل منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي فنانشل انسٽيٽيوشن ترميمي بل 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي. بل مطابق ڊيفالٽ جي صورت ۾ بئنڪ قرض وٺندڙ جي ملڪيت تي قبضو ڪري سگهندا، بئنڪ ڊيفالٽر کي 90 ڏينهن دوران ٽي نوٽيس موڪليندا. هائوس فنانس هيٺ آيل ملڪيت کي ٽئين ڌر کي ڪرائي تي ڏيڻ جي اجازت نه هوندي. ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ فنانشل انسٽيٽيوشن ترميمي بل 2026 جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ عملدارن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته تجويز ڪيل ترميم تحت بئنڪ ڊيفالٽ جي صورت ۾ قرض وٺندڙ جي ملڪيت تي قبضو حاصل ڪري سگهندا، جڏهن ته ان کان اڳ بئنڪ 90 ڏينهن دوران ٽي نوٽيس جاري ڪندو۔ وزارت قانون جي عملدارن موجب جيڪڏهن قرض وٺندڙ ان عرصي دوران رقم جو بندوبست ڪري وٺي ته هو لاڳاپيل بئنڪ کي 30 ڏينهن اندر لکت ۾ درخواست ڏئي سگهندو. اجلاس ۾ ليز تي ڏنل ملڪيت بابت عملدارن چيو ته جيڪڏهن ملڪيت ڪرائي تي ڏنل هجي ته ڪرائيدار جو ڪو قصور ناهي، تنهن ڪري اهڙن معاملن کي الڳ نموني ڏٺو ويندو. ناڻي بابت مملڪتي وزير  ٻڌايو ته بئنڪ ملڪيت تي قبضي لاءِ حڪومت کي درخواست ڏيندو، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل اختيارين کي ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويندو. ڪاميٽي چيئرمين سيد نويد قمر چيو ته ڊپٽي ڪمشنر يا بئنڪ کي عدالت نه بڻجڻ گهرجي ۽ بونا فائيڊ ليز وارن معاملن ۾ فيصلو بئنڪ يا انتظاميا بدران شفاف طريقي سان ٿيڻ گهرجي. ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهو بئنڪ قرض سان گهر ٺاهي انهن کي ڪرائي تي ڏين ٿا، تنهن ڪري اهڙن معاملن جو متوازن حل ضروري آهي. ڪاميٽي تجويز ڏني ته ليز بابت اختلاف جي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر پهرين سببن جو تعين ڪري ۽ جاچ کانپوءِ فيصلو ڏئي ته ملڪيت واقعي ليز تي آهي يا نه. ڪاميٽي بحث کانپوءِ فنانشل انسٽيٽيوشن ترميمي بل 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي.