| ڊيمن مان پاڻي ڇوڙ ۾ اضافو، بجلي پيداوار وڌي وئي، 3 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي دعويٰ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاور ڊويزن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته گذريل رات ملڪ ۾ ڊيمن مان پاڻي ڇوڙ ۾ اضافو ٿيو آهي، گذريل رات ڪل 30000 ڪيوسڪ جڏهن ته ان کان اڳ 8000 ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪيو ويو هو، وڌيڪ پاڻي جي ڇوڙ سبب گذريل رات 2300 ميگاواٽ پن بجلي پيداوار ۾ اضافو ٿيو، گذريل رات پن بجلي جي پيداوار 1800 ميگاواٽ هئي، جيڪا وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ سبب وڌي 4100 ميگاواٽ ٿي وئي، پن بجلي ۾ اضافي سان ملڪ جي ڏکڻ مان 400 ميگاواٽ بجلي آڻڻ ۾ به مدد ملي. سينٽر ۾ وڌيڪ بجلي سبب استحڪام جا مسئلا گهٽ ٿيا، ملڪ جي هاري ڀائرن طرفان پاڻي جي وڌندڙ گهرج سبب پن بجلي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو، گذريل رات لوڊ مينيجمينٽ جو وقت 6 ڪلاڪن کان گهٽجي 2.5 کان 3 ڪلاڪ رهيو، ايل اين جي جي جلد فراهمي ۽ پن بجلي جي پيداوار وڌڻ سان لوڊ مينيجمينٽ جو عارضي مسئلو ختم ٿي ويندو.