ڊيموگرافي تڪبندين کان وڌيڪ اهم آهي

آگسٽ 28, 2023

 ٻه ٽي ڏهاڙا اڳ پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر فرحت الله بابر سان ڪراچي ايئرپورٽ تي ملاقات ٿي. ساڻس ڪافي عرصي کان ذاتي تعلق رهيو آهي. جيئن ته ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ ملاقات ٿي، سو بورڊنگ ٿيڻ تائين هڪ ڪنڊ ۾ ويهي ڪچهري ڪئي سين. هن ٻڌايو ته پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي (سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي) جي گڏجاڻيءَ کانپوءِ واپس اسلام آباد وڃي رهيو هو. سياسي صورتحال، پي ڊي ايم جي حڪمرانيءَ واري دور سميت ڪيترن ئي معاملن تي حال احوال ٿيا پر مون کانئس پارٽي گڏجاڻيءَ ۾ آدم ڳڻپ بابت ٿيل بحث جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌڻ ٿي گهريو. چيائين ته ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي پر ان ۾ سڄو بحث ان تي هو ته نيون تڪبنديون ان آدم ڳڻپ تي نه ڪيون وڃن. اهو به ٻڌايائين ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان سي سي آءِ ۾ آدم ڳڻپ قبولڻ بابت پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته کيس صوبن جا انگ اکر ڏيکاريا ويا ۽ چيو ويو ته نيون تڪبنديون نه ٿينديون، جنهن تي هن اهي انگ اکر قبول ڪيا. مون بابر صاحب کان پڇيو ته ڀلا گڏجاڻيءَ ۾ ڪنهن اهو پڇيو ته ان آدم ڳڻپ ۾ سنڌ سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي؟ ته چيائين ته ان بابت هتي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي ۽ نه کيس سنڌ جي اندروني صورتحال ۽ انگن سان هٿ چراند بابت ڪا ڄاڻ هئي. مون کيس تفصيل سان ٻڌايو ته اوهان جي پارٽي سنڌ سان ڪهڙي ويدن ڪئي آهي. ڪيئن هڪ خاص گروهه جي فرمائش تي ڪراچيءَ جي خاص علائقن ۾ ساڍا 12 لک آبادي هٿراڌو طور وڌائي وئي ۽ باقي سنڌ ۾ 35 لک آبادي گهٽائي وئي. فرحت الله بابر ان تي اچرج جو اظهار ڪندي چيو ته ان بابت کيس ڪو پتو ناهي ۽ نه وري گڏجاڻي ۾ ان بابت ڪا ڳالهه ٿي. ان مختصر احوال مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته آدم ڳڻپ بابت پيپلز پارٽيءَ جي ان اهم گڏجاڻيءَ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي، اها تڪبدين واري مسئلي تائين محدود رهي ۽ ان ۾ سنڌ جي انگن ۾ ٿيل هيرا ڦيريءَ جو ڪوبه حوالو نه آيو.

پنجين آگسٽ تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آدم ڳڻپ کي قبول ڪيو ۽ سڀني کي واڌايون به ڏنيون. هاڻي سندس چوڻ آهي ته کيس رڳو صوبن جا مجموعي انگ اکر ڏيکاريا ويا هئا. چار پنج ڏهاڙا اڳ پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر کي به اوچتو پتو پيو ته آدم ڳڻپ ۾ سنڌ سان زيادتي ٿي آهي. هن صاحب حيدرآباد مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سرڪاري طور تي پڌري ڪيل آدم ڳڻپ سنڌ لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي، ڇو ته ان ۾ هٿراڌو نموني سنڌ جي آدم ڳڻپ ۽ گهرن کي ڏهه سيڪڙي تائين گهٽايو ويو آهي. جيڪڏهن تاج حيدر کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته پوءِ پڪ سان مراد علي شاهه صاحب به ان کان اڻڄاڻ نه هوندو. شاهه صاحب ته شروعات کان ان آدم ڳڻپ بابت پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندو رهيو هو. ان بابت ڪجهه حوالا هتي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ورجائجن ٿا.

. 13 مارچ (روزاني ڊان): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن آدم ڳڻپ واري عمل تي سنڌ جا خدشا دور نه ڪيا ويا ته هو پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس کي فراهم ڪيل سهڪار واپس وٺڻ تي مجبور ٿي ويندو.

. 27 اپريل تي شاهه صاحب چيو ته 2017ع وقت رڳو هن ئي سي سي آءِ ۾ آدم ڳڻپ کي رد ڪيو هو، جڏهن ته پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم به ماٺ ڪري ويٺيون هيون.

. 27 اپريل تي ڊان ۾ ڇپيل خبر موجب: وڏي وزير چيو ته جيستائين سنڌ جا درست انگ اکر نه ڏنا ويندا، آدم ڳڻپ کي قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته هن وقت سنڌ جي آدم ڳڻپ ساڍن ستن ڪروڙن کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. هن اهو به فخر سان ڄاڻايو ته مان ڊجيٽل ڳڻپ واري معاملي تي 11 خط لکي چڪو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته رڳو هڪ ٻن شهرن ۾ نه پر سڄي سنڌ ۾ ڳڻپ ٺيڪ نه ڪئي وئي آهي.

. پهرين مئي تي روزاني ڊان جي خبر موجب: سنڌ جي (تڏهوڪي) وڏي وزير پاران رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي خط لکي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سندس حڪومت جا تحفظات ختم نه ڪيا ويا ته هو آدم ڳڻپ جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيندو. هن پنهنجي خط ۾ احسن اقبال پاران آباديءَ ۾ واڌ جي شرح کان مٿي ويندڙ ضلعن ۽ تعلقن ۾ آدم ڳڻپ روڪڻ واري حڪم کي رد ڪندي لکيو ته سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ضلعن ۾ اهڙا بلاڪ موجود آهن، جتي ڳڻپ مڪمل نه ڪئي وئي آهي. ان وچ ۾ مئي جي وچ ڌاري ڳڻپ واري کاتي پاران آدم ڳڻپ مڪمل ٿيڻ ۽ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ رهيلن جي ڳڻپ ۽ تصديق کي جاري رکڻ جو چيو ويو.

. 19 مئي تي سنڌ جي وڏي وزير وزير اعليٰ هائوس ۾ آدم ڳڻپ جا انگ رد ڪندي چيو ته سنڌ جي ڪٿيل آبادي 5 ڪروڙ، 76 لک ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا اصل آباديءَ کان 68 لک گهٽ آهي. هن اهو به چيو ته پنجن ورهين اندر ٻيهر آدمشماري ان لاءِ ڪرائي وئي هئي ته جيئن اها درست ٿئي، ان ۾ غلطيون نه هجن ۽ اها سياسي بنيادن تي نه ڪئي وڃي پر هيءَ ڳڻپ به خامين سان ڀرپور آهي ۽ اسان کي قبول ناهي.

ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ 23 مئي تي روزاني ايڪسپريس ٽربيون ۾ ڇپيل خبر موجب، چيف سينسس ڪمشنر نعيم ظفر آدم ڳڻپ جا شروعاتي نتيجا پڌرا ڪندي سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ، 79 لک ٻڌائي. هن چيو ته آدم ڳڻپ جو طريقيڪار شفاف رهيو آهي. هن اهو به چيو ته آخري انگ اکر جون جي ٽئين يا چوٿين هفتي ۾ پڌرا ڪيا ويندا، پر ان کانپوءِ ڪي به نتيجا پڌرا نه ڪيا ويا. 27 جون ته اوچتو بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاران هڪ پريس پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو ته آدم ڳڻپ کانپوءِ هڪ سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو آدم ڳڻپ مانيٽرنگ ڪميٽي جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪيو ويو. اهو سروي ڪٿي ڪيو ويو، ڪنهن ڪيو، ان جو طريقيڪار ڪهڙو هو، جنهن سان سنڌ ۽ بلوچستان جي آبادي يڪدم لکن جي انگ ۾ گهٽجي وئي؟ مزي جي ڳالهه ته سي سي آءِ جي ميٽنگ کان ٻه ڏينهن اڳ وڏي وزير صحافين جي سوال تي چيو ته مون کي اڃان تائين گڏجاڻيءَ جي دعوت ناهي آئي، تنهنڪري في الحال آدم ڳڻپ کي قبولڻ يا رد ڪرڻ بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو. البته شاهه صاحب اتي اهو به چيو ته آدم ڳڻپ بابت کيس خدشا هئا، جيڪي اڳتي هلي گهڻي ڀاڱي حل ڪيا ويا. هن اها به دعويٰ ڪئي ته سندس حڪومت جي ڪوششن سان آدم ڳڻپ جو عمل اڳ جي ڀيٽ ۾ شفاف رهيو آهي. انهن جملن مان لڳي ٿو ته شاهه صاحب آدم ڳڻپ جا انگ تسليم ڪرڻ لاءِ اڳي ئي ذهني طور تي تيار هو. اهو نٿو ٿي سگهي ته هن گڏجاڻيءَ کان اڳ تفصيلي ڊيٽا نه ڏٺي هجي.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ 5 آگسٽ تي جيڪا آدم ڳڻپ منظور ڪئي، ان جي تفصيلي انگن کي 22 مئي وارن سرڪاري انگن سان ڀيٽڻ سان صاف نظر ٿو اچي ته سنڌ جي 30 مان 26 ضلعن ۾ آبادي گهٽائي وئي. جن چئن ضلعن ۾ آبادي وڌائي وئي، اهي سڀ ڪراچيءَ ۾ آهن. اهو ڪهڙو سروي يا تصديقي عمل آهي، جنهن ۾ 26 ضلعن ۾ 35 لک آبادي گهٽجي وئي؟ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن وڏي وزير کي رڳو صوبي جا انگ اکر به نه ڏيکاريا ويا هئا ته هن 5 ڪروڙ، 56 لک آباديءَ کي ڪيئن قبول ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ پاڻ 5 ڪروڙ، 76 لک جا انگ به رد ڪري چڪو هو. ڇا پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ خاص طور تي سنڌ سرڪار چونڊون ڪرائڻ جي چڪر ۾ آدم ڳڻپ منظور ڪرڻ کان اڳ ان جا ضلعي ۽ ڊويزن- وار انگ چيڪ ڪيا هئا؟ جي نه ڪيا هئا ته اها انتها درجي جي لاپرواهي چئبي، ڇو ته سنڌ جي ڊيموگرافي سياسي لحاظ کان چونڊن ۽ حڪومتن جي ڀيٽ ۾ هزار ڀيرا وڌيڪ حساس معاملو آهي. جنهن صوبي جي عوام اڌ صديءَ کان نه رڳو ووٽ پر جانين ۽ جوانين جون قربانيون ڏنيون هجن، ان جي زندگي ۽ موت جهڙي حساس معاملي سان اهو ورتاءُ جڳائي ٿو؟

ستم اهو آهي ته هاڻي به پارٽيءَ جا اڳواڻ آدم ڳڻپ ۾ سنڌ کي پهچايل نقصان تي ندامت بجاءِ رڳو تڪبندين لاءِ پريشان آهن. جيڪڏهن اڄ تڪبندين وارو معاملو حل ٿي وڃي ته کين سنڌ سان ڪيل عددي هٿ چراند تي ڪابه ڳڻتي نه هوندي. اها روش سنڌ ڏانهن لاپرواهيءَ جو نندڻ جوڳو نمونو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ۽ سياسي متبادل ٿيڻ جي خواهش/دعويٰ ڪندڙ ڌريون به ان انياءَ تي ائين ماٺ ڪري ويٺل رهيون ته پوءِ اهي انگ ڦٻي ويندا ۽ هر ايندڙ آدم ڳڻپ ۾ به هڪ بنياد تصور ٿيندا. سنڌ جي ڊيموگرافي تڪبندين کان گهڻو وڌيڪ اهم آهي، جنهن تي ماٺ رهڻ جو وڏو نقصان ٿيندو.

[email protected]

Leave A Comment