| ڊينمارڪ جي ڪيٽي بندر ۽ ونڊ انرجي ۾ سيڙپ ۾ دلچسپي ظاهر |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه سان ڊينمارڪ جي سفير مايا ڊائر برگ مورمنسن وزيراعليٰ هائوس ۾ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي تعاون، سيڙپڪاري جا موقعا، قابل تجديد توانائي ۽ ماحولياتي پائيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت گهٽ قيمت تي بجلي پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي ٽرانسميشن ڪمپني ذريعي انهي جي اثرائتي ورڇ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد پيداوار جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي لائن لاسز گهٽائي گهريلو ۽ صنعتي واهپيدارن لاءِ سستي بجلي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ آهي، سستي بجلي سان عوام کي سڌو سنئون رليف ۽ معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ جا وڏا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ونڊ ڪوريڊور ۽ انهي سان لاڳاپيل منصوبن جي ترقي سنڌ کي صاف توانائي جو علائقائي مرڪز بنائي سگهي ٿي. هن ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي هوا مان بجلي ۽ ٻين گرين انرجي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. سفير مورٽنسن سنڌ جي قابل تجديد توانائي جي شعبي خاص ڪري ونڊ انرجي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي ماحولياتي طور پائيدار منصوبن ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته گرين انرجي ۾ تعاون ٻنهي ڌرين وچ ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بنائي سگهي ٿو.ملاقات ۾ ساحلي ترقي تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تاريخي بندرگاهه ڪيٽي بندر کي جديد گهري بندرگاهه ( ڊيپ سي پورٽ ) ۾ تبديل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ته جيئن ڪراچي جي موجوده بندرگاهن تي دٻاءُ گهٽ ٿئي ۽ نئين معاشي سرگرمين جا موقعا پيدا ٿين. ڪيٽي بندر هڪ وڏي معاشي ۽ علائقائي واپاري مرڪز ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ٻنهي ڌرين توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو ۽ پاڪستان-ڊنمارڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.