تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ڊينمارڪ ۾ اعلي تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا …ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

ڊينمارڪ جي آبادي 5.7 ملين يعني 57 لک آهي، جڏهن ته پکيڙ جي لحاظ کان ڊينمارڪ 42933 اسڪوائر ڪلوميٽر تي مشتمل آهي .، QS ورلڊ ريڪنگ ۾ يونيورسٽي آف Copenhagen 79 نمبر تي، ٽيڪنالاجي يونيورسٽي آف ڊينمارڪ 112 نمبر تي، Aarhus يونيورسٽي 141 نمبر تي، Aalborg يونيورسٽي 343 ، يونيورسٽي آف سائوڌرن ڊينمارڪ 376 نمبر تي شامل آهن. شاگردن لاءِ اهم شهر Aalborg، Aarhus، Copenhagen ۽ Odense وغيره آهن. جن جي نالي تي ٺهيل يونيورسٽين ۾ داخلا ۽اسڪالرشپ لاءِ ضروري معلومات يونيورسٽين جي ويب سائيٽ تان ڏسڻ گھرجي. ڊينمارڪ مان ويجهڙ ۾ پڙهي آيل سنڌ يونيورسٽي جا ڪيترائي استاد جن مان ڪجهه بزنيس ايڊمنسٽريشن ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڄاريڪو، ڊاڪٽر تانيه مشتاق ميمن ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ استاد ڊاڪٽر انتظار حسين لاشاري، ڊاڪٽر سروت نظاماڻي، ڊاڪٽر عارفه ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترائي استاد شامل آهن، ٻڌائين ٿا ته ڊينمارڪ ۾ کين داخلا ملي ته سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تحت هئي پر کين ڊينمارڪ حڪومت طرفان به سوشل سيڪيورٽي الائونس ملندو هيو، ڇوته هو جڏهن فيملي سميت رهڻ لڳا ته سندن وٽ اسڪالرشپ جا پيسا پوري فيملي لاءِ ناڪافي هئا، پوءِ انهن سوشل سيڪيورٽي الائونس لاءِ درخواست ڏني، جنهن مان کين گھر جي مسواڙ سميت ڪافي مدد ملي. ان کان علاوه ڪجهه استاد ڊينمارڪ ۾ مستقل رهائش به اختيار ڪري چڪا آهن، هن وقت سندن مطابق ملڪ امن امان وارو آهي، ماڻهن جا رويا به انتهائي بهترين آهن. مطلب کين ڪابه ڏکيائي نه آهي.
ٽيوشن فيس ۽ رهائش جو خرچ
هن ملڪ ۾ هونءَ ته ٽيوشن فيس به ڪجهه يونيورسٽين ۾ تمام گھڻي آهي پر ڪجهه ۾ گھٽ به آهي، عام طور ٽيوشن فيس 6000 هزار يورو کان 16000 يورو تائين آهي، اهڙي طرح رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ يورو کان 500 يورو کان 1000 يورو تائين آهي، خاص طور گادي وارو شهر ڪوپنهيگن ڪافي مهنگو آهي جتي وڌيڪ خرچ اچي ٿو باقي ٻين شهرن ۾ خرچ گھٽ آهي. ڊينمارڪ ۾ اعليٰ تعليم ۾ رهنمائي خاطر هي لنڪ ڪافي ڪارائتو آهي. https://studyindenmark.dk/.
ڊينمارڪ طرفان ملندڙ اسڪالرشپس
Danish government scholarships for highly qualified non-EU/EEA students
هي اسڪالرشپ مختلف ملڪن سان طع ٿيل معاهدن تحت ڏني وڃي ٿي. جنهن بابت هن لنڪ تي تفصيل ڏسي سگھجن ٿا. https://studyindenmark.dk/study-options/tuition-fees-scholarships هن لنڪ تي ڊنيمارڪ حڪومت طرفان ڏنيو ويندڙ ٻين ڪيترن ئي اسڪالرشپس بابت تفصيل به ڏنل آهي. جن مان اڪثر ۾ ته پاڪستاني شاگرد شامل نه آهن پر ٿي سگھي ٿو مستقبل ۾ کين اهڙن موقعن لاءِ اهل ڪيو وڃي. ان کان علاوه اهل شاگردن لاءِ Studentships تحت پڙهائي به فنڊنگ حاصل ڪرڻ جو موقعو آهي. جنهن لاءِ يونيورسٽين سان سڌي طرح رابطو ڪجي، يا پروفيسر سان، ۽ اهڙي پوزيشن ميسر هجڻ جي صورت ۾ درخواست ڏيئي سگھجي ٿي.
ڊينمارڪ ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد
ڊينمارڪ جي تعليم واري وزارت مطابق سال 2013ع ۾ ڊينمارڪ جي يونيورسٽين ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد 23950 هيو، جيڪو سال 2017ع ۾ 34 هزار رهيو، اهڙي طرح هر سال ڊينمارڪ ڏانهن پرڏيهي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پر اها به حقيقت آهي ته انهن شاگردن جي اڪثريب انگريزي ڊگري پروگرامن ۾ دلچسپي رکي ٿي، جنهنڪري ڊينمارڪ جي ڪافي يونيورسٽين ۾ انگريزي پروگرام وڌايا ويا آهن. اهم ڳالهه ته ڊينش حڪومت جي خواهش هجي ٿي ته پرڏيهي شاگردن تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ سندن ملڪ جي ادارن ۾ ڪم ڪن، پر سندن مطابق اڪثريت پرڏيهي شاگردن جي تعليم پوري ڪرڻ جي سال اندر واپس هلي وڃي ٿي. ڊينمارڪ ۾ اعليءِ تعليم لاءِ ايندڙ شاگرد جو سڀ کان گھڻو تعداد جرمني، ناروي، سوئيڊن، ليٿونيا، بلگيريا، پولينڊ، اٽلي، هنگري ۽ چائنا جي شاگردن جو آهي.
ڪجهه ڊينش پهاڪا ۽ چوڻيون
Small cooking pots have ears, too
هن پهاڪي جو اشارو ننڍڙن ٻارن ڏانهن آهي، جنهن مطابق ته ٻارن اڳيان ڌيان سان ڳالهايو، ڇو ته اهي سڀ ڪجهه سمجهي رهيا هوندا آهن. توهان جون ڳالهيون انهن جي لاشعور ۾ ويهنديون وڃن ٿيون.
” Loose and win with the same attitude.”
ماڻهو هارائي يا کٽي، ٻنهي حالتن ۾ پنهنجو رويو بهتر رکي.
Eggs and oaths are easily broken.
انڊا ۽ واعدا جلد ٽوڙيا وڃن ٿا.
No one gets into trouble without his own help.
ڪوبه ماڻهو پنهنجي مدد کان سواءِ مصيبت ۾ نه پوندو آهي.
What you are is God’s gift to you what you do with yourself is your
gift to God.
توهان ڇا آهيو اهو خدا جو تحفو آهي، پر توهان پاڻ لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيو اهو توهان جو پنهنجي پاڻ لاءِ تحفو آهي.
Great men’s requests are commands.
عظيم ماڻهو جو عرض به حڪم برابر هوندو آهي.
God feeds the birds that use their wings.
خدا به انهن پکين کي کارائي ٿو جيڪي پنهنجا کنڀ استعمال ڪن ٿا.
The most difficult mountain to cross is the threshold.
سڀ کان ڏکيون پهاڙ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *