ڊينگي وائرس سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. هر سال پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ هزارين ماڻهو هن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿا۔ ڊينگي وائرس واري بخار کي عام طور تي Break bone fever مطلب هڏا ڀڃيندڙ چيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته اهو وائرس جسم ۾ سخت جسماني سور ۽ ٿڪاوٽ پيدا ڪري ٿو. ڊينگي مڇر عام مڇر کان قد ۾ وڏو هوندو آهي ۽ هن جي جسم تي ڪارا ۽ ڳاڙها پٽا هوندا آھن. ڊينگي جي بيماري خاص ڪري ايڊيز ايجپٽي (Aedes aegypti) جي مادي مڇر جي چڪ سبب ٿئي ٿي. ماهرن موجب، ڊينگي کان بچڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي ۽ احتياطي قدم تمام ضروري آهن. هن وائرس جا چار مختلف قسم ٿيندا آھن جن مان DENV_2 ۽ DVNV_3 خاص طور تي وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا۔ اهي چار ئي وائرس انسان جي جسم ۾ بخار پيدا ڪن ٿا پر ڊينگي وائرس جي هر قسم جي شدت ڌار ڌار هوندي آهي ۽ هڪ ئي ماڻهو کي چار ڀيرا به ڊينگي وائرس ٿي سگهي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي هڪ چڪر ڊينگي بخار ٿئي تو ته انهيءَ جو جسم صرف خاص قسم خلاف مدافعت پيدا ڪري ٿو، پر ٻين قسمن کان تحفظ حاصل نٿو ٿئي ۽ ماهرن جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته 2_DENV وائرس جو سڀ کان جو خطرناڪ قسم آهي، جيڪو خاص ڪري پاڪستان ۾ ملي ٿو. هن وائرس جون ٻه خطرناڪ صورتون آهن: ڊينگي هيموريجڪ فيور [DHF] جنهن ۾ رت وهڻ شروع ٿي ويندو آھي ۽ ڊينگي شاڪ سنڊروڊ[DSS] جنهن ۾ بلڊ پريشر گهٽجي ويندو آهي. ٻئي پاسي DENV_3 پڻ ڪجهه علائقن ۾ خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو، خاص طور جنهن کي پهريان ڊينگي وائرس ٿي چڪو آھي. جئين تهDENV_1 ۽ DENV_4 وائرس جا قسم هلڪي شدت وارا هوندا آھن۔ اڪثر ڪري اهي مريض جلد ئي ٺيڪ ٿي ويندا ۽ ڊينگي وائرس جو علامتون 104/105 ڊگري تائين شديد بخار ۽ مٿي ۽ پيٽ ۾ سور ۽ پوري بدن ۾ شديد سور، بلڊ پريشر جو گهٽجڻ، پيشاب ۾ رڪاوٽ يا بند ٿيڻ، جسم جي مختلف حصن تي داغ ۽ بيچيني، الٽي به ٿي سگهي ٿي. پليٽليٽس تمام وڏي حد تائين گهٽجڻ جي نتيجي ۾ نڪ ۽ ڪنن مان رت اچڻ لڳي ٿو.
هي وائرس عام طور تي سياري اچڻ کان اڳ ۽ سياري وڃڻ کان پوءِ نمودار ٿيندو آهي ۽ هي مڇر پنهنجا شڪار شام جو سانجهين کان پهرين ۽ صبح جو فجر وقت ڳوليندو آھي. هي مڇر گهرن ۾ رکيل ۾ بيڊ جي پويان، پردن جي پويان، ٽنگيل ڪپڙن ۽ جوتن ۾ لڪڻ جي جاءِ ڳوليندو آھي ۽ هي مڇر گهڻا ڏينهن رکيل پاڻي ۾ پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن هن بيماري جو شڪ پيدا ٿئي ته فوري طوري ڪنهن قابل اعتماد ريسرچ ليبارٽري تان CBC ڪمپليٽ بلڊ ڪائونٽ جي ٽيسٽ ضرور ڪرائڻ کپي، جيئن پليٽليٽس سان گڏ سڄي رت جي پروفائل جي خبر پئجي سگهي ۽ R_T PCR آر ٽي پي سي آر، ۽ NS1 اينٽيجن يا اينٽي باڊيز ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي، جيئن ڊينگي جي خبر پئجي سگهي ۽ ڊينگي جي ڪارڻ جي ڪري رت ۾ پليٽيليٽس جو تعداد گهٽجي وڃي ٿو، جنهن کي ٿرومبو سائيٽوپينيا چيو ويندو آهي. انسان جي ۾ پليٽيليٽس جو تعداد لڳ ڀڳ 1.50 لک کان 4 لک تائين هوندو آهي. ڊينگي جي بيماري ۾ اهو ڏيڍ لک کان به گهٽجي ويندو آهي، جنهن جي صورت ۾ رت وهڻ بند نه ٿيندو آھي، ان مريض کي بنا ڪنهن دير اسپتال پهچائڻ گهرجي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي ته ڊينگي وائرس کان بچاءَ لاءِ گهر ۽ ڀرپاسي جو بيٺل پاڻي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. درين ۽ کلين جاين تي ڄاريون لڳايون وڃن. مڇر مار اسپري جو باقاعدي استعمال ڪيو وڃي ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت ڊگها ۽ ڍڪيندڙ ڪپڙا پائڻ گهرجن ۽ جتي به بيٺل پاڻي هجي، ان کي فوري طور ختم ڪرڻ گهرجي.
سانجهين مهل مڇر مار اسپري يا ‘جليبي’ ٻارڻ گهرجي، جيئن ڀڄي وڃن وغيره۔ انهن سادن احتياطن سان نه رڳو ڊينگي پر مليريا جهڙين ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءُ ڪري سگهجي ٿو۔ ڊاڪٽرن موجب ڊينگي جي متاثر ٿيل مريض کي واٽر ڊي هائڊريشن ٿيندي آهي، جنهن ۾ ان جي جسم اندر پاڻي جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آھي. انهيءَ مريض کي پاڻي، تازا جوس پياريا وڃن، جيئن پاڻي جي گهٽتائي پوري ٿي سگهي. پپيتو ڦل به هڪ نعمت آهي. ميڊيڪل سائنس مطابق پپيتو ڦل کائڻ سان اميون سسٽم ۾ بهتري اچي ٿي ۽ هاضمي جي نظام کي بهتر ڪري ٿو. جيڪڏهن معاشرو گڏجي احيتاطي تدبيرن تي عمل ڪري ته هن موتمار بيماري کي وڏي حد تائين روڪي سگهجي ٿو۔