ڊيپورٽ ٿي آيل ماڻهن جو انگ 57 هزار کان وڌي ويو

ڊيپورٽ ٿي آيل ماڻهن جو انگ 57 هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهه مان ڊيپورٽ ٿي پاڪستان واپس ايندڙ شهرين جا نالا پاڪستان ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري عمل تحت بلاڪ ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 57 هزار 510 ٿي ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا ايف آءِ اي جي لنڪ آفيسن، انٽرپول، ميزبان ملڪن يا پاڪستاني سفارتخانن جي سفارشن تي شامل ڪيا ويا آهن. لسٽ ۾ شامل سمورن ماڻهن جا نالا پنجن سالن لاءِ رکيا ويندا آهن، جڏهن ته سنگين ڏوهن ۾ ملوث يا بار بار ڊيپورٽ ٿيندڙ ماڻهن جي پابندي واري مدي ۾ وڌيڪ واڌ پڻ ڪري سگهجي ٿي. ذريعن موجب مارچ 2025 کان پوءِ ڊيپورٽ ٿيل هر شخص جو نالو لازمي طور پنجن سالن لاءِ بلاڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. مارچ 2025 کان اڳ ڊيپورٽ ٿيل ماڻهو اپيل جي بنياد تي پنهنجو نالو پاڪستان ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرائي سگهن ٿا. جيڪي ماڻهو ميزبان ملڪ ۾ اوور اسٽَي، ويزا منسوخ ٿيڻ يا ورڪ پرمٽ نه هئڻ سبب ڊيپورٽ ٿيا هجن، اهي جيڪڏهن بعد ۾ قانوني طور نئون ويزا حاصل ڪن ته سندن نالو لسٽ مان خارج ڪري سگهجي ٿو.