ڊيپ ڊپريشن سامونڊي طوفان بڻجي ويو، پنجون الرٽ جاري، بلوچستان جو برساتي پاڻي سنڌ ۾ داخل، شهدادڪوٽ کي خطرو: سنڌو ۾ چاڙهه، بندن تي دٻاءُ
آگسٽ 31, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي کان 120 ۽ ڪيٽي بندر کان 80 ڪلوميٽر پري هوا جو گهٽ دٻاءُ سامونڊي طوفان ۾ تبديل، 48 سالن کانپوءِ آگسٽ مهيني ۾ سامونڊي طوفان ٺهي ويو
موسميات کاتي چيو آهي ته سامونڊي طوفان سبب ڪراچي ۾ 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلِي رهيون آهن، ڪراچي ۽ گوادر ڀرسان سمنڊ ۾ طوفان ٺهيو آهي، سائيڪلون عام طور سمنڊ کان خُشڪ زمين ڏانهن وڌندو آهي، هن دفعي طوفان زمين کان سمنڊ ڏانهن وڌيو آهي، طوفان اَسنِي عربي سمنڊ ۾ اُتر اولهه طرف وڌندو، طوفان سبب وسڪارن جي شدت ۾ اضافو ٿيندو
ڪراچي سوڌو ساحلي علائقن ۾ رات جو تيز اسپيل جا امڪان آهي، هوڏانهن پي ڊي ايم اي پاران سامونڊي طوفان بابت جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته طوفان جي اثر هيٺ ڪراچي، ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ تيز برسات پئجي سگهي ٿي، حيدرآباد، دادو، مٽياري، عمرڪوٽ، ميرپور خاص، سانگهڙ، ڄامشورو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ به طوفاني وسڪارن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي
موسميات کاتي چيو آهي ته طوفان سان گڏ گهُلندڙ هوا خطرناڪ آهي، اُن سان بُنيادي ڍانچي کي نقصان جو خدشو آهي، سنڌ جي مهاڻن کي 31 آگسٽ ۽ بلوچستان جي مهاڻن کي پهرين سيپٽمبر تائين اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ٺٽي ۽ سجاول ۾ سامونڊي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جو خدشي بعد لڏپلاڻ جاري آهي
درياهي توڙي سامونڊي پٽي تي آباد ماڻهن جي محفوظ هنڌن تي منتقلي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي سامونڊي ٻيٽن تان به ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي، ڪيٽي بندر ۾ برساتن ۽ سامونڊي چاڙهه 20 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، ٺٽي وٽ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ اچي ويا، جنهن بعد ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. جنگشاهي، جهمپير، مالماڙي، براد آباد، ساڏورو، ميٽنگ اترام ۽ ٻين علائقن ۾ ڍورا ۽ نيون وهي آيون.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سبب وڻ ۽ ٿنڀا ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب تيز هوا سبب گلستان جوهر، گلشن اقبال،اسٽيڊيم روڊ، نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ ڪسٽم هائوس ۾ وڻ ڪري پيا، اسٽيڊيم روڊ تي وڻ ڪرڻ سبب 40 سالن جي عورت فوت ٿي وئي، فوتي عورت پينو فقيرياڻي هئي، سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي، گلشن اقبال بلاڪ 17 ۾ وڻ بجلي جي تارن مٿان ڪري پيا، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي، اورنگي ٽائون ۾ قطر اسپتال وٽ وڻ ۽ ڀت ڪرڻ سبب ڇيپا ايمبولينسز کي نقصان پهتو، حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جمع جي ڏينهن جيتوڻيڪ برسات جي شدت گهٽيل رهي پر اڪثر علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. شهر جي اسلام آباد واري علائقي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو لطيف آباد نمبر 8 ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي ڪري هڪ ڄڻو زخمي ٿيو ڪشمور ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪري پئي، گھر ڌڻي جمال محمداڻي فوت ٿي ويو، ڳوٺ خميسا خان کڙد مزاري ۾ واقعو ٿيو. گڊو شهر جي امن سٽي ۾ برسات دوران پورهيت حاڪم کوسو جي گهر جي ڇت ڪري پئي، چئن سالن جي ٻارڙي سهانا فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻار مجيب کوسو ۽ ريحانا کوسو زخمي ٿي پيا.، پليجاڻي ڀرسان ولي محمد آرائين ۾ برسات دوران انور چانڊيو جو گھر ڊھي پٽ ٿي ويو ، جڏهن ته ڳوٺ عبدالله ڇٽو ۾ جمعو پڙھيا جي گھر جي ڀت ڪرڻ سبب نينگر زخمي ٿي پيو . پليجاڻي شھر ۽ ان جي ڳوٺن ۾ برسات سبب گھرن جون ڇتو ۽ ڀتيون ڪري پيون، ٽنڊو غلام حيدر، مويا ڏندو شهر توڙي اس پاس جي ڳوٺن ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل ڳوٺن جا لنڪ ڪچا رستا پاڻي هيٺ اچي ويا جنهن جي ڪري شهرن جو ڳوٺن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو تعلقي جي گاماڻي خاصخيلي بچو خاصخيلي علي شير چانڊيو ڪريمڏنو ڪيريو.طاهرخاصخيلي علي مراد چانڊيو سميت مختلف ڳوٺن ۾ هڪ سئو کان مٿي ڪچا گھر ڊهي پٽ پئجي ويا، دادو شهر سميت ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وقفي وقفي سان زوردار برسات جا وسڪارا پوڻ سبب دادو شهر جي مارڪيٽ روڊ ، ڪاليج روڊ ، اسٽيشن ، نيو چوڪ ، موندر ، غريب آباد سميت شهر جي مک روڊن ، رستن تي فوٽ کان ڏيڍ فوٽ پاڻي بيهي ويو آهي ، پاڻي بيهڻ ڪري شهرين کي تڪليفن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سيوھڻ ۽ ان جي آس پاس ٻن ڏينهن کان برسات جو سلسلو وقفي سان جاري رھيو . برسات لڳاتار جاري رھڻ ڪري بجلي سميت ٻيو مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو . ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن بوبڪ, آراضي, ڪرمپور, جھانگارا, باجارا ۾ پڻ برسات سبب عوام گھرن تائين محدود ٿي ويو ، سيتاروڊ ۾ وڏ ڦڙي سان تيز برسات جو سلسلو جاري رهي. تيز برسات سبب ڪئي هيٺاهين پاڙي چانڊيا محلا، جوڳي محلا، جانوري محلا ۽ٻين محلن جي گهرن توڙي چونڪ چواهن، رستن گهٽين تي پاڻي بهي ويو، ميهڙ ۾ انتظاميا جي بي ڌياني سبب چند منٽن جي برسات علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، شهر گندي پاڻي جي تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي برسات سبب شهر جا اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ميهڙ جو مين روڊ ، ٻيٽو روڊ ، ٿيٻا روڊ ، ريشم گلي ، سبزي مارڪيٽ ، اناج بازار ، شاھي بازار سميت اڪثر بازارن ۽ خريداري مرڪزن ۾ پاڻي بيهڻ سبب ڪاروبار سخت متاٿر ٿي ويو آهي جڏهن ته شاهي بازار سميت مشهور واپاري مرڪزن ۾ پاڻي دڪانن ۾ داخل ٿيڻ سبب دڪاندارن جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو آهي.، ٽنڊي الهيار ضلعي ۾ گزريل 5 ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي وقفي وقفي سان وسندڙ تيز طوفاني برسات ٽنڊي الهيار جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. ٽنڊوالهيارجا ڪيترائي ئي ٿاڻا .اسڪول سرڪاري اسپتالون ۽ اسڪول پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ڪيترائي ڪچا گهر ڍهي پٽ ٿي ويا ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، نوري آباد ڪوھستان جي مختلف علائقن نوري آباد صنعتي زون، ڪلو کوھر، دادا ڀائي، ھٻڪاڻ، سري، لوڻي ڪوٽ ۽ ڪارو جبل سميت کيرٿر جي جابلو پٽي ۾ پنجين ڏينھن به ڪٿي ھلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو. جبلن تان مختلف نئيون نئين بارڻ، نئين اجھيڪار ، نئين مول ، نئين لوياڇ ، سميت ڪيتريون نئيون ۽ ڍورا وھي اچڻ سبب ڏورانھين علائقن جي ڪيترن ڳوٺن جو نوري آباد ۽ ڪلو کوھر ۽ ٻين شھرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، قاضي احمد ۽ ڀرپاسي برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڳوٺ بھادر خان ڏاهري، ڳوٺ پٻجو، ڳوٺ حاجي خانل ڏاهر، ڳوٺ حاجي عمر ڏاهري، ڳوٺ دادن خان رند، ڳوٺ ستار ڏنو ڏاهري، ڳوٺ محمد پنڃارو، پٻجو هيٺيون، پٻجو مٿيون، ڳوٺ درمحمد رند، ڳوٺ عبدالرحمان رند، ڳوٺ عابد ڏاهري، ڳوٺ محمد رند سميت ٻيا ھيٺيانهين وارا ڳوٺ برساتي ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، لاڙڪاڻي ۾ به برسات جو وسڪارو ٿيو، ريشم گلي، لاهوري محلي سميت شهر جي مختلف پاڙن ۾ پاڻي بيهي ويو.
شھدادڪوٽ (رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار) بلوچستان جي علائقي ۾ مولاندي سميت ڪيتريون ئي ننديون وهي اچڻ کان پوءِ برساتي پاڻي شھدادڪوٽ، قبوسعيد خان ۽ ڪچي پل طرف ايف پي بچاءُ بند ڏانهن وڌڻ لڳو آهي، بلوچستان جي پهاڙي علائقن مان برسات توڙي نيئن جي پاڻي جهل مگسي جي علائقي ڳوٺ باريجا کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري باريجا توڙي جهل مگسي جو زميني رستو ڪٽجي چڪو آهي، بلوچستان جو برساتي پاڻي ايف پي بچاءُ بند ڳوٺ شنباڻي کي به ٻوڙي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ شاهد مگسي موجب ته بلوچستان کان ايندڙ پاڻي تيزي سان ڪچي پل، قبو سعيد خان ۽ شھدادڪوٽ تعلقن ويجهو پھچي ويو آهي، جيڪو سال 2022 کان وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، ٻئي طرف بلوچستان کان ايندڙ برساتي ٻوڏ جي پاڻي جي ريلي شھدادڪوٽ لڳ آر بي او ڊي سم نالي سان پڻ ٽڪرائجي ويو آهي، جنهن سبب رهواسين ۾ خوف ڇانجي ويو آهي، ھوڏانھن ڊپٽي ڪمشنر قمبرشھدادڪوٽ سجاد حيدر قادري طرفان ايف پي بچاءُ بند سميت نورپور کان آربي او ڊي سم نالي جو دورو پڻ ڪيو، اڄ ڇنڇر ڏينهن قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جا سمورا گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ اسڪول بند ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) بلوچستان جي علائقن جو پاڻي جهل مگسي کان ٿيندو سنڌ ۾ داخل ٿي ويو آهي. آپباشي ذريعن موجب ايف پي بند وٽ پاڻي جي سطح 17 فوٽ ٿي وئي ۽ ان ۾ واڌ جو امڪان آهي. پنهنجي اخبار پاران ايڪسين جهل مگسي سان رابطو ڪيو ويو ته سندس چوڻ هو ته بلوچستان مان مولاه ندي مان پاڻي هڪ لک ڏه هزار ڪيوسڪ صبح جو شروع ٿيو هيو جيڪو لهي چاليه هزار ٿي ويو آهي. هوڏانهن سنڌ جي آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي پاڻي مان پنڌرنهن کان ويه هزار ڪيوسڪ اچڻ جو امڪان آهي. اهو پاني نقصان نه ڏيندو باقي ايمرجنسي واري صورتحال ٿي سگهي ٿي. ٻي پاسي سنڌو دريا ۾ دادو مورو پل کان هيٺ پاڻي چاڙه سبب منڇر ڍنڍ مان پاڻي نيڪال بند ٿي ويو آهي ۽ منڇر ۾ به سنڌو جي پاڻي ڏيڻ بند ڪيو ويو آهي. آپباشي ذريعن موجب هن وقت بلوچسان کان ايندڙ پاڻي سبب ايمرجنسي جي صورتحال ٿي سگهي ٿي ۽ منڇر ۾ پاڻي 120 آر ايل کان وڌي سگهي ٿو. ٻي پاسي پنجاب ۾ سنڌو دريا تي ٻڌل ڪالاباغ، چشما ۽ تونسا بيراجن وٽ پاڻي وهڪرا معمول تي اچي ويا آهن. سنڌ ۾ رڳو ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي چاڙه سبب وچوليدرجي جي ٻوڏ برقرار آهي. جڏهن ته گڊو ۽ سکر بيراجن تي به پاڻي وهڪرا معمول تي اچي ويا آهن