ڊيڊلائين ويجهو ايندي ئي پاڪستان ۽ مصر پاران جنگبندي جون ڪوششون تيز: تهران ۽ واشنگٽن سان رابطا

ڊيڊلائين ويجهو ايندي ئي پاڪستان ۽ مصر پاران جنگبندي جون ڪوششون تيز: تهران ۽ واشنگٽن سان رابطا

تهران/واشنگٽن: ايران لاءِ آمريڪي ڊيڊلائين ختم ٿيڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ رهجي ويا، ان کان اڳ پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو ته جنگبندي معاهدي جون ڪوششون حساس مرحلي ۾ داخل ٿي ويون، تفصيلن جو انتظار ڪريو، جنگ روڪڻ لاءِ پاڪستان جون هاڪاري سفارتي ڪوششون اهم آهن، ٻئي پاسي برطانوي خبر ايجنسي سينيئر ايراني ذريعن  کان رپورٽ ۾ چيو ته ايران ڪنهن به عارضي جنگبندي کي رد ڪندي ڳالهين لاءِ اڳواٽ شرط رکي ڇڏيا، پاڪستان فوري جنگبندي پوءِ جامع ۽ حتمي معاهدي لاءِ فريم ورڪ آمريڪا ۽ ايران سان ونڊي چُڪو آهي، آمريڪي ڊيڊلائين پاڪستاني وقت موجب اڄ صبح 5 وڳي ختم ٿي ويندي، ٻئي پاسي عالمي ميگزين بلوم برگ موجب ايران تي حملن جي ڊيڊلائين ويجهو ايندي ئي پاڪستان ۽ مصر جنگبندي جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ٻنهي ملڪن جنگبندي جي ڪوششن لاءِ ڪيتريون ئي ڪالز ڪيون، پاڪستان ۽ مصر ٻئي گڏجي واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ نياپا پهچائي رهيا آهن، مصري پرڏيهي وزير موجب هُن آمريڪي خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان رابطا ڪيا آهن.