ڊي آءِ جي لاهور شارق جمال جو گهر مان لاش هٿ، گهڻو نشو واپرائڻ سبب موت ٿيو: ڊاڪٽرز
جُولاءِ 22, 2023
لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) ڊي آءِ جي لاهور شارق جمال جو ڊي ايڇ اي واري گهر مان لاش هٿ آيو، پوليس ڊي آءِ جي شارق جمال جو لاش اسپتال کڻي ايندڙ مرد ۽ عورت کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو
پوليس ڊي آءِ جي جي گهر مان کاڌي پيتي واريون شيون ۽ ٿانو تحويل ۾ وٺي ڇڏيون، موت جي وقت شارق جمال گهر ۾ اڪيلو هو، ٻن ملازمن کي ڪم سان ٻاهر موڪليو هو جن واپس اچي ڏٺو ته لاش پيو هو، پوليس موجب شارق جمال جا گهر ڀاتي ٻئي گهر ۾ موجود هئا
ذريعن موجب ڊي آءِ جي شارق جمال جو شروعاتي معائنو ڪندڙ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي جو موت وڏي مقدار ۾ نشي واريون شيون واپرائڻ سبب ٿيو آهي، شارق جمال ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ڊي آءِ جي ريلويز به رهيو، هن وقت هو او ايس ڊي جي عهدي تي هو