ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سردارن جي ڪمداري ڪري رهيو آهي: ام رباب
نومبر 9, 2023
ام رباب چانڊيو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ناصر آفتاب پاران جاري ڪيل پريس رليز بابت پنهنجي جاري ڪيل هڪ ٻئي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اوهان سردارن جي ڪمداري ڪري رهيا آهيو، هي ثبوت جي اڳيان رکان ٿي
وڊيو بيان ۾ ام رباب چانڊيو چيو ته پريس رليز ۾ پهريون ڪوڙ ته ام رباب پاران اڳ به ان ايس ايڇ او بابت شڪايت ڪئي هئي پر اهو سراسر ڪوڙ آهي
هن چيو ته پوليس پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ پاڻ اعتراف ڪيو هو ته مذڪوره ايس ايڇ او جي مقرري غلط ۽ سياسي بنيادن تي آهي. ان ڪميٽي ۾ ڊي آءِ جي پاڻ به ميمبر هو جنهن پاڻ چيو هو ته هي ماڻهو جوابدارن کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي انهن کي ڄاڻ ڏئي رهيو آهي
هن چيو ته مان ڊي آءِ جي جي 3 ڏينهن پهرين شڪايت ڪئي هئي هي واقعو هڪ سانحي کان گهٽ ناهي هڪ نياڻي انصاف لاءِ دربدر هجي ته ان کي هراسان ڪيو وڃي
ام رباب چانڊيو چيو ته ڊي آءِ جي جي پريس رليز به اسان کي هراسان ڪرڻ برابر آهي اوهان مون کي ڊيڄاري نه ٿا سگهو اوهان مون کي روڪي نه ٿا سگهو مان عورت ضرور آهيان پر ڪمزور ناهيان، انشاءُالله آخري دم تائين وڙهنديس