| ڊي آءِ خان ۾ آپريشن، ڀارتي حامي 22 دهشتگرد مارجي ويا |
پشاور(م ڊ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 22 ڀارتي حامي دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ 22 خوارج ماريا ويا، آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي پراڪسي فتنه خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. سڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪانن کي موثر انداز سان نشانو پڻ بڻايو.