ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل 23 جوانن جي جنازي نماز ادا
ڊسمبر 13, 2023
ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي 23 جوانن جي جنازي نماز بعد مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويا
دره بان جي علائقي ۾ دهشتگردن سان دليراڻي ويڙهه دوران شهيد ٿيل 23 جوانن جي ڊي آءِ خان گيريزن ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي
ڪور ڪمانڊر پشاور، ٻين فوجي ۽ سولين آفيسرز جنازي نماز ۾ شرڪت ک/ھ، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائين ۾ 27 دهشتگرد به مارجي ويا هئا
ڊي آءِ خان ۽ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان دليراڻي ويڙهه دوران پاڪ فوج جي سنڌ واسي 5 جوانن به شهادت ماڻي
شهيدن ۾ گهوٽڪي واسي جوان محمد اسحاق کهاوڙ ۽ ڏاهلي واسي حوالدار محمد جميل راهمون شامل آهن
وزيرستان ۾ خيرپور ضلعي جا رهواسي پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿيا، شهيدن ۾ ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ فيصل مهر جو رهواسي مختيار شيخ ۽ ٺري ميرواهه جي ڳوٺ لکمير شر واسي جوان امير حسين شامل آهن
وانا ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران منهڙو جي فوجي جوان غلام مرتضيٰ ڏاهري به شهادت ماڻي آهي