دهشتگردن سان ڳالهين 10 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو، اي پي ايس شهيدن جو سودو ڪنهن ۽ ڇو ڪيو؟: بلاول ڀٽو

ڊسمبر 13, 2023

پشاور(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته  ڊي آءِ خان ۾ دهشتگرديءَ واري ڪالهوڪي واقعي پاڪستان کي 10 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو، ماضيءَ جي هڪ حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ دهشتگرد تنظيمن سان ڳالهيون ڪيون، سنگين ڏوهن ۾ ملوث دهشتگردن کي جيلن مان آزاد ڪيو ويو، اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي وارثن کي ٻڌايو وڃي ته شهيدن جي خون جو سودو ڪنهن ڪيو؟ اسان دهشتگردي سبب وڏو ڀوڳيو آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي  بلاول ڀٽو چيو ته  ڊي آءِ خان وارو ڪالهوڪو واقعو اهو مثال آهي ته اسان ڪهڙو امن قائم ڪيو آهي، ڪجهه سياستدان چون ٿا ته اسان ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، عوام پڇي ٿو ته لوڊشيڊنگ ڪڏهن ختم ٿي آهي؟ جنرل ضياءُ الحق کان ڪعبت الله ۾ ياسر عرفات ۽ شاهه فيصل حلف ورتو هو ته هو ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل نه ڪندو پر هن ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو. دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، اسان سڀني کي گڏجي ان جو مقابلو ڪرڻو پوندو، ڪا هڪ جماعت مقابلو نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين ته دشمن فائدو کڻندو رهندو، جڏهن ملڪ ڏکيائين ۾ آهي ته سياسي اختلاف وساري هڪ ٿي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ وارا ڀٽو جا نعرا هڻڻ تي کلندا هئا، اسان چاهيون ٿا ته اهو دروازو هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي ته ڪنهن جج کي استعمال ڪري ڪنهن جي خلاف فيصلو ورتو وڃي، ريفرنس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهنداسين.

Leave A Comment