ڊي آءِ خان ۾ مولانا فضل الرحمان تي حملو، جي يو آءِ سربراهه محفوظ رهيو، آواران ۽ باجوڙ ۾ آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

جنوري 1, 2024

ڊي آءِ خان/ ڪوئيٽا/ پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي حملو ڪيوويو آهي. ان ڏس ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ زيارڪ انٽرچينج وٽ مولانا فضل الرحمان جي قافلي حملو ڪيو ويو، هٿياربندن مولانا جي قافلي تي فائرنگ ڪئي، مولانا فضل الرحمان حملي ۾ محفوظ رهيو. ميڊيا رپورٽن موجب مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي ٻن پاسن کان فائرنگ ڪئي وئي. جي يو آءِ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حملي جي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته ادارا پنهنجي ذميواري پوري نه پيا ڪن.  ترجمان اسلم غوري موجب مولانا فضل الرحمان پٽ مولانا اسجد جي وليمي ۾ وڃي رهيو هو، سندس قافلي ۾ موجود سمورا ماڻهو محفوظ رهيا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي فائرنگ بزدلاڻي ڪارروائي آهي. هن چيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، ادارا پنهنجي ذميواري ڇو پوري نه پيا ڪن، امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. ٻئي پاسي آر پي ڊي آءِ خان چيو آهي ته فائرنگ مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي ناهي ٿي. واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.  ٻئي پاسي  آواران ۽ باجوڙ ۾8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 1 اهلڪار شهيد ٿي پيو. ان ڏس ۾  باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز افغان سرحد تان پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب فورسز دهشتگردن کي باجوڙ ضلعي جي جنرل علائقي بٽوار ۾ گھيري ۾ آندو هو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان بارود، ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو آهي. ان کان سواءِ آءِ ايس پي آر موجب 30 ۽ 31 ڊسمبر جي وچ واري رات تي افغانستان مان دهشتگردن اتر وزيرستان جي ضلعي اسپن وام جي عام علائقي ۾ قائم سرحدي چوڪي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 31 ورهين جو نائيڪ عبدالرئوف شهيد ٿي ويو. شهيد جوان ضلعي رحيم يار خان جو رهواسي هو، فورسز ڀرپور جواب ڏنهن جنهن سان دهشتگردن کي به ڪافي نقصان پهتو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان لاڳيتو عبوري افغان حڪومت کي چئي رهيو آهي ته اهو سرحد جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائي، اميد آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ دهشتگردن پاران پاڪستان خلاف ٿيندڙ ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ قدم کڻندي ۽ پنهنجي ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. هوڏانهن بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز آواران جي علائقي مشڪئي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، آپريشن دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي ۽ 5 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻي تان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد جو ذخيرو برآمد ٿيو، جڏهن ته ٺڪاڻي کي تباهه ڪيو ويو.

Leave A Comment