| ڊي آءِ خان ۾ پوليس تي فائرنگ، ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪار شهيد |
ڊي آءِ خان (م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي وانڊا بڍ ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. وانڊا بڍ ۾ دهشتگردن پوليس آپريشن پارٽي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او فهيم ممتاز، ڪانسٽيبل توقير، ڪانسٽيبل عرفان ۽ ڪانسٽيبل غلام رباني شهيد ٿي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڊي ايس پي حافظ عدنان ۽ ڊرائيور طارق خان زخمي ٿي پيا.واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي ۽ شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.