ڊي ايس پي جي ڀاءُ جو باورچي قتل
جُون 20, 2025
حيدرآباد (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ ڊي ايس پي جي ڀاءُ جي بورچين ۾ جهيڙو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو
ڄامشورو ۾ مقرر ڊي ايس پي محمد خان برهماڻي جي ڀاءُ حبيب الله برهماڻي جي گهر ۾ مقرر بورچين وچ ۾ جهيڙو ٿيو
جوابدار رپيٽر جا فائر ڪري رفيق لنجواڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس قتل جي الزام هيٺ آيل سڪندر لنجواڻي رپيٽر سميت گرفتار ڪري ورتو
پوليس موجب واقعو قاسم آباد ٿاڻي جي حد ۾ قائم سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ پيش آيو قاتل ۽ مقتول پاڻ ۾ ماسات آهن.
ٻيئي ڄڻا ميرپور خاص جا رهواسي آهن، رپيٽر گارڊ روم ۾ پيل هو جيڪو کڻي فائرنگ ڪئي وئي، ٻنهي ڄڻن جو معمولي ڳالهھ تان تڪرار هلندڙ هو.
رفيق لنجواڻي ننڍ ۾ پيل هو ته کيس سندس ماسات گوليون هڻي قتل ڪيو مقتول جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.