ڊي ايس پي خانپور ايس ايس پي شڪارپور کي نفسياتي مريض قرار ڏئي ڇڏيو

آڪٽوبر 19, 2023

خانپور(رپورٽر)ڪوٽ شاهو واقعي بعد شڪارپور جي ايس ايس پي ۽ خانپور جي ڊي ايس پي ۾اختلاف سامهون اچي ويا، ڊي ايس پي خانپور مهدي رضا ٽالپر ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کي سائيڪو پيشنٽ قرار ڏئي ڇڏيو

 ڊي ايس پي خانپور پريس ڪانفرنس ۾ الزام هنيو ته ڪوٽ  شاھو ٿاڻي تان اغوا ٿيل ايس ايڇ اومحبوب بروهي ۽ 4 اهلڪارن کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي بازياب ڪرايو

سندس چوڻ هو ته مغوين جي بازيابي ۾ ايس ايس پي شڪارپور جو ڪو به ڪردار ناهي، ايس ايس پي شڪارپور غلط بياني ڪري رهيو آهي، ايس ايس پي شڪارپور ڏوھارين جي ساٿاري اهلڪارن تي هٿ رکيو

هن چيو ته ڪوٽ شاھو واقعي وقت ايس ايس پي مون کي ويجهو ئي اچڻ نه ڏنو، ايس ايس پي مون کان اردلي وارا ڪم ۽ ڏوهارين سان ويجهڙائي رکندڙ اهلڪارن کان ڊي ايس پي وارا ڪم وٺندو رهيو

ڊي ايس پي خانپور الزام هنيو ته ايس ايس پي شڪارپور تيل جي مد ۾ ڪرپشن ڪري ٿو، مون کي 600 لٽر بدران 250  لٽر تيل ڏنو وڃي ٿو، ايس ايس پي شڪارپور ميٽنگ ۾ مون کي  گارگند ڪئي، هن ٿاڻا ڏوهارين جي ساٿاري اهلڪارن حوالي ڪيا آهن

Leave A Comment