| ڊي ايس پي ظهور ۽ پارس بکراڻيءَ جي اڄ شاديءَ جي سالگرهه |
سکر: ڊي ايس پي ظهور سومرو ۽ ڊي ايس پي پارس بکراڻيءَ شاديءَ جي ٻئين سالگرهه آهي. شڪارپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظهور سومرو جي شاديءَ کي اڄ ٻه سال مڪمل ٿي ويا. اتفاق سان ٻئي زال مڙس هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي آهن ۽ ٻئي هڪ ئي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ پاران بهادر جوڙي جي شاديءَ جي سالگرهه جو ڪيڪ اسپتال ۾ ڪئي ڪٽڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.