| ڊي جي ڪاليجز تبديل: نويد رب صديقي جي جاءِ تي مير چند مقرر |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڊي جي ڪاليجز تبديل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ سرڪار پاران 20هين گريڊ جي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ نويد رب صديقي کي بدلي ڪري کيس بوائز ڊگري ڪاليج جوهر ون جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مير چند اوڏ کي نئون ڊي جي ڪاليجز سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سفارش بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.