لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻو ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي پي اي جي مبينا اغوا وارو معاملو، پي اي مهيش ڊرامائي انداز ۾ واپس گهر پهچي ويو
گذريل رات دير سان ڊپٽي ڪمشنر جو پي اي مهيش شهر جي گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي مان اڻڄاتل ڪار سوارن هٿان مبينا طور اغوا ٿي ويو هو
پي اي مهيش سان سندس جا ٻه دوست عمران ۽ زاهد شيخ گڏ هئا جن کي ڪار سوارن ڇڏي ڏنو هو، مهيش کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا
اهڙي واقعي جو اطلاع مارڪيٽ پوليس کي به ڏنو ويو هو، پي اي مهيش ڊرامائي انداز ۾ واپس گهر پهچي ويو آهي
مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او سرتاج جاگيراڻي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر جو پي اي مهيش واپس گهر پهچي ويو آهي