لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي ڪارڪردگي مان مايوس، دهشتگردي، آدمشماري، حددخلين، امن امان بابت اجلاس ۾ نه اچڻ تي ليٽر اماڻي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعه سيال ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان کي خط لکي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اوهان طرفان سهڪار نه ڪرڻ ۽ غير پيشوراڻي رويي جي ڪري حڪومتي پاليسين تي عملدرآمد ڪرائڻ وڏو مسئلو آهي
ڊي سي پاران ايس ايس پي کي لکيل ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو طرفان جوڙيل ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪاميٽي جيڪا سڀني وفاقي ۽ صوبائي ادارن تي مشتمل آهي ان جي گذريل پنجن مهينن کان انتهائي اهم مسئلن پرڏيهين چيني ماڻهن کي سيڪيورٽي جي فراهمي، عوامي هنڌن تي مذهبي گڏجاڻيون ڪوٺائڻ، ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي سيڪيورٽي، ضلعي ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائي، اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ، منشيات جي وڌندڙ اسمگلنگ ۽ سرڪاري ملڪيتن جي چوري کي روڪڻ لاءِ گڏجاڻيون ٿيون آهن، ڪاميٽي جو ڪم ضلعي ۾ رياست يا حڪومت کي متاثر ڪندڙ ڪنهن به امڪاني خطري جي نگراني ۽ ان سان منهن ڏيڻ آهي پر بدقسمتيءَ سان اوهان ڪاميٽيءَ جي هڪ به گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ناهي ڪئي ۽ اهم ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ چينين لاءِ دهشتگرديءَ جي خطري بابت پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهيو، اوهان جو اهڙو رويو صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي سوچ جي مڪمل خلاف آهي
خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي ضلعي ۾ آدمشماري لاءِ ٻين سمورن ادارن سميت ضلعي پوليس جي ضرورت هئي ان آئيني ۽ قومي فرض کي پورو ڪرڻ لاءِ تاريخ 24 فيبروري تي اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ پاڪ فوج سميت سمورن ادارن شرڪت ڪئي پر ان جي باوجود توهان هن قومي آدمشماري بابت اجلاس کي نظرانداز ڪري اهم آئيني فرض جي انتظامن تي ضلعي پوليس طرفان پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا
خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت جي هدايتن تي انتظاميا هر سال 21 رمضان کي پرامن طور ملهائڻ خاطر سڀني مڪتبه فڪر کي مصروف رکندي آهي ۽ ان ڏهاڙي تي نيڪٽا توڙي وفاقي گهرو کاتي دهشتگرد حملن جي وارننگ ڏني هئي ان سلسلي ۾ 10 اپريل تي اجلاس سڏايو پر ان ۾ توهان جي غير حاضري سمورن شرڪت ڪندڙن لاءِ سخت ڳڻتي جوڳي هئي، بعد ۾ مختلف شهري ان ڏينهن جي سيڪيورٽي انتظامن تي خوش نظر نه آيا، اهڙي غير حاضري انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي
ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي سوچ ۽ عدالتن جا حڪم آهن ته حددخليون ۽ عوامي روڊن تي ٽريفڪ جام نه ٿيڻ گهرجن ان لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو عوامي مفادن خاطر 29 مئي تي شهر اندر حددخلين خلاف مهم هلائي جنهن ٻڌايو ته توهان جي حڪم تحت ضلعي انتظاميا کي پوليس جي مدد فراهم نه ڪئي ويندي اهو نه صرف غير پشيوراڻه رويي کي ظاهر ڪري ٿو جيڪا حڪومتي قانون، وڏي وزير ۽ معزز عدالتن جي هدايتن جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي، اهڙو رويو قبضا ڪندڙن کي سرڪاري ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ همٿائڻ برابر ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي ناقص انتظام جو سبب بڻجي رهيو آهي، هي سڀ ڪجهه چند مثال آهن جيڪو ضلعي پوليس جي سربراهه جو انتهائي غير ذميوراڻه ۽ پيشيوراڻه رويو آهي
ڊي سي پاران ايس ايس پي کي لکيل ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته اهو سمجھه کان ٻاهر آهي ته هڪ پوليس آفيسر ڪهڙي حالتن ۾ عوامي مفادن توڙي حڪومتي ۽ رياستي پاليسين جي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري آئون توهان کي هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪرڻ تي مجبور آهيان ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي ناقص انتظام جي ڪري دهشتگردي، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ حددخلين خلاف حڪومتي پاليسين تي سڌو سنئون اثر پئجي سگهي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، ان سان نه رڳو حڪومت جي ساک خراب ٿيندي پر معاشري ۾ پڻ بيچيني پيدا ٿيندي
ان حوالي سان پنهنجي اخبار پاران ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعه سيال سان رابطو ڪيو ويو پر هن پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو