| ڊي سي مقرري تان ن ۽ ق ليگ ۾ تڪرار: الزام: چوڌري سالڪ کي عدالت ۾ گهلينديس: مريم نواز |
اٽڪ (م ڊ) ڊي سي گجرات جي مقرري تان اتحادين ن ليگ ۽ ق ليگ ۾ تڪرار پيدا ٿي ويو آهي، چوڌري سالڪ پاران پنجاب حڪومت تي ڪرپشن جا الزام هنيا ويا آهن، جنهن تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز وفاقي وزير چوڌري سالڪ کي جواب ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ڪرپٽ آهي ته وزير بڻجي ڇو ويٺا آهيو؟ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين کي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلڻ ۽ عدالت ۾ گهلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اٽڪ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چوڌري سالڪ الزام لڳائڻ بدران ثبوت پيش ڪري، کيس هرجاڻي جو نوٽيس اماڻينديس، ثبوت سامهون نه آندا ته عدالت ۾ به گهلينديس، مريم نواز چيو ته جيڪو سفارش تي اچي ٿو، ملڪ ۽ عوام جو ٻيڙو ٻوڙي ٿو، چوڌري سالڪ چوي ٿو ته سڀ کان بهترين حڪومت پرويز الاهي جي هئي، مان جڏهن گجرات ويس ته ايترو پاڻي هو، منهنجي گاڏي ٻڏي وئي. مريم نواز چيو ته مون گجرات جو ڊي سي تبديل ڪيو، هنن کي تڪليف رڳو اها آهي ته اسان جي مرضي جو ڊي سي گجرات ڇو نه لڳو آهي.
| پنجاب ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڳالهه تي قائم آهيان: چوڌري سالڪ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير چوڌري سالڪ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز کي جواب ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، مان پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان، خدا اقتدار ڏيڻ کانپوءِ تڪبر ۽ غرور کان بچائي، پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري سالڪ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪرائڻ جي ڳالهه نه آهي، اهو پهريون ئي مقرر هو، انسان وٽ جڏهن اختيار اچن ته کيس عاجز رهڻ گهرجي.
| چوڌري سالڪ عدالت وڃي، اسان مدد ڪنداسين: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ ايم اين اي نثار احمد جٽ چيو آهي ته چوڌري سالڪ پنجاب جي عوام تي احسان ڪري، فيصل آباد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، اسان سان رابطو ڪري اسان مدد ڪنداسين، چوڌري سالڪ اڳڀرائي ڪري، عدالت وڃي.
چوڌري سالڪ ڪرپشن جا ثبوت ڏئي: مصدق ملڪ
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته چوڌري سالڪ ڪرپشن جا الزام هنيا آهن ته ثبوت ڏئي، وزارت ڇڏڻ بابت ڪا ڳالهه نه ڪندس، هن چيو ته پنجاب ۾ ترقي گهڻن ماڻهن کان برداشت نٿي ٿئي.