| ڊي چوڪ وياسين ته آزادي وٺي موٽنداسين يا ڪفن ۾ اينداسين، محافظ ئي اسان جا قاتل بڻجي ويا آهن: سهيل آفريدي |
ڪوهاٽ(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل خان آفريدي چيو آهي ته هن ڀيري ڊي چوڪ وينداسين ته آزادي وٺي اينداسين يا ڪفن ۾ واپسي ٿيندي. ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته پي ٽي آءِ باني کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان کي جج سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، جنهن کي اسان جي مينڊيٽ جي حفاظت ڪرڻي آهي انهن ئي ڌاڙو هنيو آهي، اسان جا محافظ ئي اسان جا قاتل بڻيل آهن. هن چيو ته اسان کي گڏجي حقيقي آزادي انهن کان کسڻي آهي، وفاقي حڪومت 5 هزار 3 سئو ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، پاڪستان تي قرض 80 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، اسان کي گورننس جو مشورو ڏيندڙن ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته ڪجهه ٽائوٽس رات جو ميڊيا تي ويهي گولين جون ڌمڪيون ڏيندا آهن. عمران خان احتجاج يا ڳالهين جي ذميواري محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي ڏني آهي جيستائين انهن جي طرفان سڏ ايندو ته سڀني کي تيار رهڻو آهي. هن پنجاب جي وزيراعليٰ تي تنقيد ڪندي چيو ته مينڊيٽ چور جيڪي ڪا، ڪِي ۽ ڪي جي فرق کي نٿا سمجهن اهي اڄ مون کي مشورو ڏئي رهيا آهن، پنجاب پوليس کي سموري پاڪستان ۾ ڪرپٽ ترين ادارو بنايو ويو آهي. سرمائيڪاري خيبرپختونخواهه ۾ ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ سرمائيڪاري گهٽ ٿي وئي آهي ۽ وري هاڻ مشورا به اسان کي ڏنا پيا وڃن.