ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڪيس: اسد قيصر ۽ سوري جون نظرثاني درخواستون خارج

جنوري 29, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڪيس جي فيصلي خلاف اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جون نظرثاني واريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون

سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي اڳوڻي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي رولنگ بابت فيصلي خلاف نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ٿي

 پي ٽي آءِ جي باني سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل نظرثاني واري درخواست واپس وٺي ڇڏي، جڏهن ته عدالت اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جون نظرثاني واريون درخاستون خارج ڪري ڇيڏون

 سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو هو، اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري اڳوڻي وزيراعظم خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ کي رد ڪرڻ جي رولنگ جاري ڪئي هئي

Leave A Comment