تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڊڀرو: هڪ شهر جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ رهي ٿي … علي رضا قاضي

دنيا ۾ جڏهن ۽ جتي قديم تهذيبن جو ذڪر اچي ٿو، اتي سنڌو سڀيتا يا انڊس سولائزيشن جو نالو ضرور ورتو وڃي ٿو.سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي انهن رهڻين ڪهڻين ۾ شامل آهي، جنهن تي هتان جي ماڻهن کي سدائين مانُ رهيو آهي.سنڌو سڀيتا ۾ موهن جو دڙو هجي يا هڙپا جا قديم آثار، ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته سنڌ جُڳن کان ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو مرڪز رهي آهي.دنيا ۾ سنڌ جي قدامت بابت گواهيءَ طور هڪ پاسي جتي شهرن جا ڦِٽَلَ ۽ پراڻا اهڃاڻ موجود آهن، اتي سنڌ ۾ ڪجهه شهر ۽ وسنديون اهڙيون به آهن، جيڪي اڄ به ساڳي حالت ۾ موجود آهن.انهن ۾ سنڌ جي تاريخي پرڳڻي ساهتيءَ ۾ موجود شهر ڊڀرو يا درٻيلو پڻ هڪ آهي.تاريخي ماخذن مطابق هن شهر تي ڊڀرو نالو، ان وقت به هو، جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي هئي. جيتوڻيڪ چچ نامي ۾ ساهتي پرڳڻي جي حوالي سان هن کي ’ديرو‘ ڪري لکيو ويو آهي پر چچ نامي جو اهو حوالو ٻڌائي ٿو ته ڊڀري جي قدامت عربن کان به اڳ جي دؤر جي آهي.هن شهر جي ٻن نالن ڊڀرو ۽ درٻيلو بابت مختلف رايا رهيا آهن. ڪجهه مؤرخن جي خيال مطابق، هي شهر راڻا ڊاڀر سنگهه جي ڪري، جيڪو عربن کان اڳ هن پرڳڻي جو حاڪم هو – جي نالي پٺيان ’ڊڀرو‘ سڏجڻ ۾ آيو. ڪجهه ٻين عالمن جي راءِ مطابق، هن شهر تي ڊڀن (سَرَنِ جو هڪ قسم) جي ڪري ڊڀرو پيو. ڇاڪاڻ ته هن وقت به هن تاريخي وسندي جي ڀرپاسي ۾ ڊَڀ ۽ سَر تمام گهڻي تعداد ۾ ڦٽن ٿا. ان ڪري هن شهر کي ڊَڀن وارو يا ڊڀرو سڏيو ويو. هن جي ڀرواري شهر،’مڃٺ‘ جي معنى به پڻ هڪ پسارڪي وکر جي آهي، جنهن مان ڳاڙهو رنگ تيار ڪيو وڃي ٿو. مڃٺ جي ڀرسان ڀورٽي جي وسندي پڻ آهي. ڀورٽي، ڀرٽ ذات جي ڪري سڏي وئي. ڀرٽ بنيادي طور پنهورن جي قبيلي جي هڪ شاخ آهي، پر جيڪڏهن ڀرٽ لفظن جي معنى جاچڻ جي ڪوشش ڪبي ته خبر پوندي ته ’ڀرٽ‘ لفظ جون ٻه مکيه معنائون آهن. هڪ ’مسلمانن جي ذات‘ ٻيو ’گاهه جو هڪ قسم، جيڪو گهڻو ڪري ٿر جي پاسي تمام گهڻو ٿيندو آهي، جيڪو کائڻ سان گڏ دوا طور به استعمال ڪيو ويندو آهي. ڊڀري جي نالي لکڻ جي حوالي سان هنن ٻن شهرن جا نالا حوالي طور ڪتب آندا ويا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن شهر جو نالو ڊڀن جي پويان ئي پيو هوندو. جڏهن ته لفظ ’درٻيلو‘ اصل ۾ ’ڊڀرو‘ جي ئي بگڙيل فارسي صورت آهي. اها هن طرح جو ’ڊ‘ جي جاءِ تي ’در‘- ’ڀ‘ جي جڳهه تي ٻ ۽ ي‘ جڏهن ته ’ل‘ ۽ ’ر‘ جا اکر متبادل طور استعمال ٿيندا رهيا آهن. ’و‘ پنهجي جاءِ تي برقرار آهي. ڪجهه مقامي روايتن موجب ان کي ’ٻيلي جو در‘ سان پڻ ڳنڍيو پيو وڃي. جيڪو درست ناهي. اهو ان لاءِ جو شهر کي ويجهو ’ڀؤنر ٻيلو‘ هڪ ته ڪافي مفاصلي تي آهي، ٻيو ٻيلن ۾ درن جا تصور ناهن هوندا!
تاريخي ڪتابن ۾ توڻي جو ڊڀري يا درٻيلي بابت مفصل ڄاڻ نه ٿي ملي، ان هوندي مختلف جڳهن تي آيل احوالن جي ڇنڊ ڇاڻ مان خبر پوي ٿي ته هي شهر ماضيءَ ۾ هڪ شاندار وسندي رهيو آهي. مثال طور اهو انؤمان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊڀري جي تاريخ ساهتي پرڳڻي جي اتهاس سان گڏ رهي آهي. چچ نامي موجب ساهتي پرڳڻي جو وجود ويدن جي زماني کان رهيو آهي. هن علائقي کي ڪنهن وقت ’لوهاڻو‘ صوبو پڻ سڏيو ويندو هو. ان صوبي ۾ لاکاٽ، ساهتي ۽ پاڻ لوهاڻو وڏا پرڳڻا هئا. اهڙي ريت ساهتي پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ ڊڀرو هوندو هو. ڪجهه تحقيق کانپوءِ ڊڀري بابت تصوير ان وقت ٿوري واضح ٿي بيهي ٿي ته هن شهر جي اهميت ان وقت وڌي جڏهن مغل بادشاهه همايون، شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي بکر کان سيوهڻ ۽ پوءِ ڊڀري، ان وقت جي راڻي ارباب دائود سهتي وٽ مهمان ٿيو. ڪجهه تاريخي ماخذن ۽ ڊاڪٽر حامد خانائيءَ جي تحقيق موجب، همايون بادشاهه جي اچڻ وقت سنڌ جي هڪ عالم ۽ درويش مخدوم نوحَ، ميربحرن کي ٻيڙين ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ مغل بادشاهه سنڌودرياه پارڪري، ساهتيءَ جي علائقي ۾ داخل ٿيو ۽ ان زماني ۾ درٻيلي جي هڪ بااثر رئيس ارباب دائود بن عمرشاهه سهتو هتان جو حاڪم هيو، جنهن بادشاهه جوگهڻوآڌرڀاءُ ڪيو.ڪتاب’لب تواريخ سنڌ‘ جي ليکڪ انهيءَ سلسلي ۾ ’تواريخ طاهري‘جي حوالي سان همايون بادشاهه جوهڪ خط نقل ڪيوآهي، جنهن ۾ سهتي سردارجوذڪرڪيو ويو آهي.
تاريخ ۾ موجود آهي ته قديم زماني ۾ درٻيلي جي حاڪم جي هٿ هيٺ سمورو ساهتيءَجو پرڳڻوهو. سن 1010ع ۾ سلطان محمودغزنويءَ ملتان تي حملوڪيو، اُن وقت بکرسرڪارجوعلائقو ملتان سرڪارجي تابع هو. محمودغزنويءَ جي انهيءَ حملي وقت به ساهتيءَ جو پرڳڻو اصل حيثيت ۾ موجود هو ۽ ڊڀرو انجو تخت گاهه هو. اوائلي وقت ۾ جيڪي به سنڌتي اُتراولهه کان ڌارياحاڪم ڪاهي اينداهئاته اهي سڀ کان پهرين سيوهڻ تي حملوڪنداهئا. گويا اُن دؤر ۾ سيوهڻ ڌارين جي ڪاهن لاءِ سنڌجوهڪ دروازوهو. سيوهڻ کانپوءِ حملي آورن جو دڀري پهچڻ سؤلو ٿي پوندو هو. ’لُبِ تاريخ سنڌ‘جي مصنف خداد داد خان پٺاڻ لکيو آهي ته: هڪ ڀيري مرزا شاهه حسن بيگ، هالڪنڊي ۽ سيوهڻ کان شڪارڪندواچي ساهتيءَ جي تختگاهه درٻيلي ۾ وارد ٿيو. ان موقعي تي خوش ٿي شاهه حسن، درٻيلي جوعلائقو ميرفرخ کي جاگيرطور ڏنو ۽ پاڻ بکرطرف روانوٿي ويو.
ڊڀري جي تاريخ ساهتي پرڳڻي جي گاديءَ جي هنڌ هجڻ سبب هميشہ مرڪزي رهي آهي. ارغون ترخان ۽ مغلن جي دؤرن ۾ وقت جا وڏا حڪمران هن شهر ۾ ايندا رهيا. سورهين صديءَ جي آخر ۾ مشهور مغل سپهه سالار عبدالرحيم خان ِ خانان پڻ هن شهر جي مشهور برزگ هستي مخدوم محمد عثمان دربيلي کان سنڌ جي فتح جي دعا گهرائڻ پهتو.مخدوم محمد عثمان قريشي دربيلي پنهنجي دؤر جو مشهور محدث ٿي گذريو آهي. جنهن جي تحقيق کي سڄي دنيا ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. تاريخي ثبوتن آڌار لکي سگهجي ٿو ته ڊڀري يا درٻيلي شهر جي جنگي پوزيشن ايتري ته اهميت واري هئي جو عيسى خان ترخان جڏهن محمود بکريءَ سان جنگ لاءِ ٺٽي کان ڪهي آيو ته هن ڊڀري ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي.ڊڀرو، پنهنجي وقت ۾ علم ادب، سياست سان گڏ واپار جو پڻ مرڪز رهيو. هن شهر مٿان هڪ دؤر اهڙو به ٿي گذريو آهي، جڏهن هتي سؤن جي تعداد ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا موجود هئا. هتان جو نير ۽ ڪپڙو دنيا ۾ پنهنجي بهترين ڪوالٽي جي ڪري سڃاتو ويندو هو. شهر ۾ هڪ پاسي جتي علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ سوين طالب علم ايندا هئا اتي هي شهر ڪپڙي جي ڪاروبار جي حوالي سان به دل جي حيثيت رکندو هو.عربن جي فتح کان اڳ ۽ پوءِ ڪلهوڙن جي دؤر تائين هي شهر پنهنجي سڃاڻپ ساهتيءَ جي مرڪز طور محفوظ رکندو آيو. ٽالپرن جي وقت ۾ پڻ هن شهر جي مشهوري ڪپڙي جو ڪاروبار ۽ مدرسا رهيا.
انگريزن جي وقت ۾ ڊڀري جي سڃاڻپ هڪ اهڙي شخص جي ڪري سڄي هندستان ۾ ٿي، جيڪو سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليم جي واڌاري جو سبب بڻيو. سيد الهندو شاه، پنهنجي وقت جو وڏو عالم فاضل ۽ انصاف ڀريو انسان هو، جنهن جو نالو اڄ به سڄي سنڌ ۾ عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. سيد الهندي شاهه جي نهايت اعلى ڪم ۾ نوشهري فيروز اندر مدرسه هاءِ اسڪول جو قيام شامل آهي.سيد الهندو شاهه، پنهنجي وقت ۾ نه فقط هڪ وڏو عالم فاضل علم و ادب سان چاهه رکندڙ انسان هو، پر هو انگريزن جي دؤر ۾ آنرري مئجسٽريٽ جي عهدي تي پڻ فائز رهيو. سيد الهندو شاهه عدل ۽ انصاف جي معاملي ۾ تمام گهڻو سخت هو. هن جي سخت فيصلن جي ڪري ساهتيءَ ۾ سندس نالي هي چوڻي پڻ مشهور ٿي: ”نه ويو آهين، ڊڀري، نه ٿئي آندل شاهه جي خبر۔۔۔۔“ڊڀري يا درٻيلي جي ماضيءَ ۾ جهاتي پائڻ سان هن شهر جي شاندار ماضيءَ جو احساس تهائين وڌيو وڃي. بهتر رهندو ته هن شهر جي تاريخ کي نئين سر سائنسي انداز سان جاچي ان کي تشڪيل ڏجي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *