ڊکڻ لڳ هٿياربندن هٿان پوليو ٽيم يرغمال، رقم، موبائل ۽ سامان ڦر

آگسٽ 2, 2023

ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ ڏينهن ڏٺي جو پوليو ٽيم کان موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر، خبر موجب شڪارپورلاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي تي

 بخشو شاخ وٽ نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي پوليو ٽيم جي عملدارن منظور معرفاڻي ۽ فدا حسين چنو کان موٽر سائيڪل، اي ٽي ايم ڪارڊ ،سروس ڪارڊ، روڪ رقم، موبائل فونون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ورتو

 پوليو ٽيم عملدارن ٻڌايو ته يوسي ڇتو منگي ۾ پوليو وزٽ بعد واپس وڃي رهيا هئاسين ته ٽن نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ِرغمال بڻائي ڦر ڪئي

Leave A Comment