| ڊکڻ مان اغوا ٿيل نوجوان جو والد صدمي ۾ فوت |
ڊکڻ )ن پ ا) ڊکڻ لڳ ڳوٺ غلام قادر بيهڻ واسي مبينا طور اغوا ٿيل ڳوٺاڻو نويد بيهڻ بازياب نه ٿيو،مغوي جو والد صدمي ۾ فوت ٿيو. ان ڏس ۾ ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام قادربيهڻ مان 4 مهينا اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان ڳوٺاڻو نويد بيهڻ بازياب نه ٿي سگهيو آهي،جڏهن ته سندس والد اقبال بيهڻ صدمي ۾ فوت ٿي ويو،جنهن سبب مغوي جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. ان سلسلي ۾ فوتي پيرسن جي وارثن جو چوڻ آهي ته 4 مهينا اڳ اغوا ٿيل اسانجو نوجوان نويد بيهڻ بازياب ناهي ٿي سگهيو،سندس والد بيمار رهندو هو جيڪو پٽ جي صدمي ۾ فوت ٿي ويو آهي،