ڊکڻ ويجھو علم پاڪ لڳائڻ دوران ڪرنٽ ۾ فوت 8 ڄڻن جي تدفين: ماحول سوڳوار

ڊکڻ ويجھو علم پاڪ لڳائڻ دوران ڪرنٽ ۾ فوت 8 ڄڻن جي تدفين: ماحول سوڳوار

مدئجي (رپورٽ: سڪندر راھوجو) ڊکڻ لڳ ڳوٺ بڊو ۾ درگاھ پير نور شاھ تي علم پاڪ بلند ڪرڻ دوران 11 ھزار وولٽيج جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل 8 عزادارن جي جنازي نماز ادا، جنازا کڄڻ تي ماحول سوڳوار، ڳوٺ بڊو ۾ درگاھ پير نور شاھ تي علم پاڪ بلند ڪرڻ دوران 11 ھزار وولٽيج جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل ارباب لولائي، حسن سولنگي، دين محمد لولائي، شفيق لولائي، هدايت الله لولائي. وحيد لولائي، خالد لولائي ۽ زاهد لولائي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل شڪارپور جي چيئرمين ذوالفقار علي ڪماريو، ڊي سي شڪيل احمد ابڙو،ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ، علي احمد ٻرڙو، اصغر سيٺار سميت مذهبي، سياسي سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جڏهن ته هڪ ئي ڳوٺ مان 8 ڄڻن جا جنازا کڄڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو، فوتين کي درگاھ پير نور شاھ جي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته درگاھ پير نور شاهه تي علم پاڪ بلند ڪرڻ دوران 11 ھزار وولٽيج جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.