ڊکڻ ويجھو پوليس چڙهائي دوران ڇڪتاڻ، ڳوٺاڻن تي دهشتگردي ڪيس درج

ڊکڻ ويجھو پوليس چڙهائي دوران ڇڪتاڻ، ڳوٺاڻن تي دهشتگردي ڪيس درج

ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ويجھو پوليس جي چڙهائي دوران  ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ چڪريون، ڇڪتاڻ،پوليس موبائل جو شيشو ڀڄي پيو، ٻن عورتن ۽ 6 مردن سميت 17 ڄڻن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ لاشاري ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس چڙهائي ڪئي، چڙهائي دوران ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون، جنهن دوران پوليس موبائل جو شيشو ڀڄي پيو، جڏهن ته پوليس پاران اي ايس آءِ رجب جيهو جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ 6 مرد  عالم لاشاري، منظور لاشاري، جلال لاشاري، لالو  لاشاري، سليم لاشاري، پرويز لاشاري کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورتن مسمات جمالان خاتون، گل جان خاتون کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڳوٺاڻن موجب پوليس بنا جواز ڪارروائي ڪري تشدد بعد گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.