ڊکڻ ويجھو گهر مان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي گهرڌڻي جو ڀاڻيجو قتل

ڊکڻ ويجھو گهر مان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي گهرڌڻي جو ڀاڻيجو قتل

ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ويجھو گهر مان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي گهرڌڻي جو نوجوان ڀاڻيجو قتل، بڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد بخش لهر ۾رات دير سان نامعلوم چورن گهر ڌڻي غلام رسول لهر جي گهر ۾ گهڙي چوري جي ڪوشش ڪئي،جنهن دوران گهر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا،جنهن دوران چورن جي مبينا فائرنگ ۾ گهر ڌڻي جو نوجوان ڀاڻيجو راشد پٽ گل بهار لهر ٿڏي تي قتل ٿي ويو،جڏهن ته چور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،هوڏانهن اهڙو اطلاع ملندي ئي بڊو پوليس مقتول نوجوان راشد لهر جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال ڳڙهي ياسين مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن ڪري ڇڏيو،مقتول نوجوان جي وارثن بڊو پوليس کي ٻڌايو ته اسانجو نوجوان راشد لهر عيد کان پنهنجي مامن وٽ ترسيل هو،جيڪو رات چورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو آهي،ٻئي طرف بڊو پوليس ٻڌايو ته وارثن موجب گهر مان چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي چورن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿيو آهي،واقعو مشڪوڪ لڳي رهيو آهي،وڌيڪ سمورن رخن کان جاچ ڪيون پيا،خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.