ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ تي چڙهائي، ڊرون حملو، 2 ٻارڙن سمت 5 ڄڻا زخمي
جُولاءِ 4, 2025
ڊکڻ (پنهنجي ڊيسڪ ) ڊکڻ ڀرسان پوليس جي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن دوران ڊرون حملا ڪيا آهن، اطلاع موجب ڊکڻ ٿاڻي جي حد بخشا شاخ وٽ ويٺل چانڊيا برادري جي گهرن تي لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن جي پوليس گڏيل ڪارروائي ڪئي آهي. ڪارروائي دوران پوليس آپريشن ۾ ڊرون جهاز جو استعمال ڪيو ويو آهي.
ڊرون جي حملي ۾ ٻن ٻارڙن ۽ هڪ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ڪارروائي رات جي پوئين پهر ۾ ڪئي وئي جيئن آپريشن کي ڳجهو رکي سگهجي.
رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو آهي ته 20 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو ۾ شهيد ٿيل ايس ايڇ او نظير چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء چڙهائي ڪئي وئي جتان ڪائي به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي آهي. ٻئي طرف ڳوٺاڻن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته اسان تي ذاتي جهيڙن جا ڪيس آهن پوليس بلا جواز ڊرون جهاز ذريعي اسان جا 5 ماڻهو زخمي ڪيا آهن جن ۾ ٻه ٻار هڪ شامل آهي