| ڊکڻ ۾ علم پاڪ لڳائڻ دوران 11 هزار وولٽيج تار مان ڪرنٽ سبب 8 عزادار فوت |
ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ويجھو علم پاڪ لڳائڻ دوران 11 هزار وولٽيج جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 8 عزادار فوت، 5 زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ۾ سوڳ، ڳوٺ والس آباد بَڊو ۾ علم پاڪ لڳائڻ دوران واقعو پيش آيو، اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتي عزادارن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته علم پاڪ نشان ڪرڻ دوران علم پاڪ 11 هزار وولٽيج جي تارن ۾ لڳڻ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 عزادار زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ فوتين جي سڃاڻپ حسن سولنگي، ارباب لولائي ،دين محمد، محمد حسن ،زاهد، شفيق، وحيد ۽ خالد لولائي جي نالن سان ڪئي وئي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا لاش گهر پهچائڻ ڪهرام مچي ويو، ٻي طرف ڊي سي شڪارپور شڪيل ابڙو موجب تمام ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي، سڄي ضلعي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، واقعي ۾ 8 فوت ۽ 5 زخمي ٿين جي تصديق ٿي آهي، ڊي سي موجب واقعو علم پاڪ بجلي جي تارن ۾ وچڙڻ سبب پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.