ڊگريون حاصل ڪندڙ نوجوان علم کي ڦهلائين: آغا خان

  ڊگريون حاصل ڪندڙ نوجوان علم کي ڦهلائين: آغا خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آغا خان يونيورسٽي پاران  پرنسيس زهره آغا خان کي مادرعلمي جي پرو چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي. ڪالھ آغا خان يونيورسٽي جو 38هون ڪانووڪيشن ٿيو، جنهن ۾ 18 ڊگري پروگرامن سان تعلق رکندڙ 461 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ويون، ان موقعي تي پرنسيس زهره آغا خان کي باضابطه طور تي يونيورسٽي جي پهرين پرو چانسلر مقرر  ڪيو ويو. ان موقعي تي يونيورسٽي جي چانسلر هز هائنس آغا خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڊگريون حاصل ڪندڙ نوجوان علم کي ڦهلائين. ان موقعي تي نئين مقرر ٿيل پرو چانسلر پرنسيس زهره آغا خان چيو ته آغا خان يونيورسٽي جي موجودگي هاڻي پوري پاڪستان ۾ ڦهلجي چُڪي آهي. هن چيو ته ڪراچي کان مٽياري تائين ۽ لاهور کان گلگت تائين صحت جي شعبي سان وابسته ماهر استاد ۽ محقق عوام جي زندگين جو حصو آهن.