ڊگري ڪاليج بلڙي زبون ڄاڻائي بند، تعليم کان محروم شاگرد روڊن تي نڪري آيا، ريلي، ڌرڻو

مارچ 25, 2025

بُلڙي شاھه ڪريم(ن پ ا) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج بلڙي شاھه ڪريم مڪمل زبون ڄاڻائي بند ڪرڻ خلاف شاگردن ڊگري ڪاليج وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي ۽ سخت نعريبازي ڪئي. سيشن جج ٽنڊو محمد خان ۽ ڊي سي ٽنڊو محمد خان کان ڪاليج جو وزٽ ڪري ڪاليج کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو. شاگردن شعيب مغل دلشاد رند زيب رند جميل جاويد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ڊگري ڪاليج جي شاگردن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڊگري ڪاليج بلڙي شاھه ڪريم بھترين ھلي رھيو آهي ڪاليج  جا ڪجھه حصن مان چاپڙ ڪري رھيا آهن، باقي ڪاليج بھترين آهي ۽ ڪاليج ۾ 455 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رھيون آهن، ھنن چيو ته ڊگري ڪاليج جي ڪجھ پورشن ۾ انٽر  ۽ فسٽئير جي پڙھائي ھلي رھي ھئي ۽ ھن انھن پورشنن ۾ ڪو خطرو ناھي ڪاليج جي ڪجھه ھنڌن تي رپئير جي ضرورت آهي، پر ڪاليج کي خالي ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڪاليج کي بند ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪو ھتي جي نوجوانن ۽ نياڻين سان سخت ناجائزي آهي ھنن چيو ته اسان کي ھتي ٻيون سهولتون ناھن مليل پر ھڪ ڊگري ڪاليج آهي ان کي پڻ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪوشش اسان ناڪام ڪري ڇڏينداسين اسان تعليم تباھ ڪرڻ نه ڏينداسين اسان کي  روڊن تي اچڻ لاء مجبور نه ڪيو وڃي ھي اسان سان ھتي جا چونڊيل نمائيندا ۽ نااھل انتظاميا ظلم ڪري رھي آهي ھن ڪاليج جو بغير وزٽ ڪرڻ جي ڪاليج کي بند ڪيو پيو وڃي. ھي اسان جو مستقبل آهي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھن اھم درسگاھ کي سازش طور بند ڪرڻ نامنظور آهي. ھنن سنڌ حڪومت ڊائريڪٽر ڪاليج ڊي سي ٽنڊو محمد خان سيشن جج ٽنڊو محمد خان تعليم جي وزير سيد سردار شاھه چونڊيل نمائيندن ۽ ٻين وس وارن کان فوري نوٽيس وٺي ڪاليج کولڻ جو مطالبو ڪندي چتاء ڏنو آهي ته ڊگري ڪاليج نه کوليو ويو ته عيد کان پوءِ ٽنڊو محمد خان سجاول مين روڊ بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو.

Leave A Comment