ڊگهي قد سبب عالمي شهرت ماڻيندڙ نصير سومرو بيمارين سان وڙهندي لاڏاڻو ڪري ويو
مارچ 18, 2025
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) ڊگهي قد سبب عالمي شهرت ماڻيندڙ شڪارپور واسي 52 ورھين جو نصير سومرو ساھه جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو، دنيا جو ٻيو نمبر ڊگهي قد وارو شڪارپور واسي نصير سومرو شڪارپور جي نبي شاھه پاڙي ۾ پنھنجي گھر ۾ ساھه جي بيماري سبب فوت ٿيو، نصير سومرو گذريل ڪيتري عرصي کان ساھه جي بيماري سبب گھر ۾ پيل ھو، گھمڻ ڦرڻ کان لاچار ھو، ٻڌايو پيو وڃي ته نصير سومرو پي آءِ اي ۾ نوڪري به ڪندو ھو بيماري سبب ھو ڪيتري عرصي کان گھر ۾ پيل رھيو، ڊگھي قد سبب عالمي شھر ماڻيندڙ نصير سومرو کي سندس وصيعت موجب اڄ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويندو.
نصير سومرو شلوار قميص 14 ميٽرن جي ٺهرائيندو ھو
شڪارپور: نصير سومرو شلوار قميص 14 ميٽرن جي ٺهرائيندو ھو ۽ هن جي بوٽ جي سائيز 19 انچ ھو، جيڪو اسپيشل آرڊر تي ٺهرائيندو ھو، وزن 200 پائونڊ کان وڌيڪ ھو.
نصير کي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي قد واري ماڻهوءَ جو اعزاز مليو
شڪارپور: نصير سومري 1999ع ۾ ڪنھن ماڻھو جي مدد سان پاڪستان ۾ موجود گنيز بڪ وارن سان رابطو ڪيو ته هو دنيا جو هن وقت وڏي قد وارو ماڻهو آهي، کيس انگلنڊ موڪليو ويو، جتي اڳ ۾ ئي تيونس جو هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو آيل هو، جنهنڪري نصير سومري کي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي قد واري ماڻهوءَ جو اعزاز مليو، هن اهڙيءَ ريت 2000ع جو اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو، سندس قد 7 فوٽ 8 انچ آهي.
نصير سومرو بينظير ڀٽو جي دعوت تي دبئيءَ به ويو هو
شڪارپور: نصير سومرو هڪ ڀيري محترمه بينظير ڀٽو جي دعوت تي دبئيءَ به ويو هو ۽ محترمه جي سالگرهه ۾ شريڪ ٿيو، نصير سومرو ڊگھي قد سبب اڌ کان مٿي دنيا گهمي ڏٺي، نصير سومرو کي ڌرتي واسين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت ھئي ڪجهه مھينا اڳ بيمار ھجڻ باوجود بدامني خلاف ايمبولينس ۾ ويھي احتجاج به ڪيو ھو.
نصير سومري 1974ع ۾ شڪارپور جي غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو
شڪارپور: پاڪستان جي تاريخ ۾ ڊگهي ماڻهوءَ جو اعزاز حاصل ڪندڙ نصير سومرو، 1974ع ۾ شڪارپور شهر جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته هي جڏهن اٺن سالن جي عمر ۾ ھو ته ھن جي قد ۾ اضافو ٿيندو رهيو ۽ کوڙ سارين مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿيندو ويو، وڏي قد سبب اسڪول ۽ ڪاليج ۾ کيس سدائين پوئين بينچ تي ويهاريو ويندو هو ۽ گهر ۾ کٽ تي سمهي نه سگهندو هو، ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيندي گريجوئيشن ڪئي.