| ڊگهڙي لڳ ڳوٺ ۾ ارڙيءَ جي وبا، هفتي اندر 3 ٻارڙا فوت، 20 متاثر |
ڊگھڙي (رپورٽ: غلام مرتضيٰ شاهه) ڊگھڙي ڀرسان ڳوٺ رام ڪالوني ديھ۔177 ۾ ارڙي جا ڪلور هڪ هفتي اندر ڪل ٽن گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جون حياتيون کسجي ويون،هڪ ئي رات ۾ ڪستورو ڪولهي جو ٽن سالن جو پوٽو راجا پٽ نيڻو ڪولهي ۽ ٻن ورهين جي پوٽي عاشا ٻن ڪلاڪن جي وقفي سان ارڙي وگهي فوت ٿي ويا جڏهن ته پورهيت رميش ميگهواڙ جي ٻن سالن جي معصوم نياڻي عاشا گذريل رات فوت ٿي، جڏهن ته ٽن سالن جي نياڻي پونم پڻ ارڙي جي مرض ۾ مبتلا هئڻ ڪري سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي، فوتي ٻارڙن جي وارثن رميش ميگهواڙ،سومار ميگهواڙ،ڪستورو ڪولهي،شريمتي تاجو ڪولهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته تعلقي اسپتال ڊگھڙي ۾ ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جي علاج جي لاء پهتاسين جتي ڊاڪٽرن لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو دوائون گوريون به ٻاهران خانگي ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪيوسين هن وقت اسانجي ڪالوني ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي هڪ هفتي اندر ڪل ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته معصوم ٻارڙن سميت 20 ڳوٺاڻا ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهن جيڪي زندگي ۽ موت جي چو واٽي تي آهن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڃان تائين به ميڊيڪل ڊاڪٽرن جي ٽيم ناهي پهتي، اسان اپيل ٿا ڪريون ته فوري طور تي ڳوٺ ۾ ارڙي کان بچاء جي لاء اپاء وٺي انساني حياتيون بچايون وڃن.