| ڊگهڙي ويجهو زمين تان جهيڙو، چاچي هٿان ڀائٽيو قتل، 5 زخمي، مک جوابدار گرفتار |
ڊگھڙي (رپورٽ: غلام مرتضيٰ شاهه) ڊگھڙي ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙو،هارپو ڪندڙ ڀائٽو قتل چار ڄڻا شديد زخمي زخمين مان ٽي ڄڻا حيدرآباد ريفر،پوليس اهلڪار سميت ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو،خبرموجب ڊگھڙي ڀرسان ڳوٺ مندرانوالا ۾ جٽ برادري جي ٻن ڌرين سئوٽن ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، زميندار اسد حسين جٽ جا پٽ زمين تي پاڻي ورائڻ جي لاء پهتا ته ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 نوجوان ڀائر 38ورهين جو ماجد علي جٽ،اعجازالحق، قاسم علي معمولي زخمي ٿي پيا ٻي ڌر جا شاهنواز جٽ ۽ علي شير جٽ پڻ شديد زخمي ٿي پيا ٻنهي ڌرين جا زخمي وارثن تعلقي اسپتال ڊگھڙي پهچايا جتي زخمي ماجد علي جٽ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،جڏهن ته معمولي زخمي قاسم علي کانسواء ٽنهي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ٻي ڌر جي زخمين شاهنواز،علي شير ۽ سندس وارثن الزام هڻندي چيو ته مخالف ڌر اسانجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهيو پي جنهن تان جهيڙو ٿي پيو، واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاء اعظم علي پٽ امانت علي جٽ ڊگھڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته آئون ۽ منهنجا ڀائر زميندار اسدحسين جٽ ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار ڌر جيڪي پاڻ ۾ ڀائر آهن جن کان ست ايڪڙ 29گهنٽا زمين ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار ڌر کان هڪ ڪروڙ چار لک روپين ۾ خريد ڪئي خريد ڪئي جنهن مان ساڍا پنجونجاھ لک روپيا ادا ڪرڻ بعد زمين جو قبضو اسدحسين حوالي ڪيو ويو بقايا رقم رجسٽري وقت ادا ڪرڻي هئي،رجسٽري ڪري ڏيڻ جي لاء زميندار زور ڀري رهيو هو پر مخالف ڌر انڪار ڪندي زمين خالي ڪرڻ جي لاء ڌمڪيون ڏيندا رهيا هئا،اڄ جڏهن آئون ۽ منهنجا ڀائر ماجد علي جٽ،اعجازالحق وارا پهتاسين ته جوابدار علي شيرجٽ ۽ شاهنواز جٽ وارن سندس ڀاء ميرپورخاص ڪرائم برانچ پوليس ۾ ڊيوٽي ڪندڙ علي نواز جٽ جي چرچ تي سڌي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو ڀاء قتل ۽ ٻه ڀاء زخمي ٿي پيا مون ڀڄي جان بچائي پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار علي شيرجٽ کي گرفتار ڪري ورتو جنهن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته ٻن شڪي نوجوانن کي پڻ تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.