ڊگهڙي ۾ ماتمي جلوس تي فائرنگ، شهر بند، ٿاڻي جو گهيرو، ڀڃ ڊاهه، رينجرز طلب

ڊگهڙي ۾ ماتمي جلوس تي فائرنگ، شهر بند، ٿاڻي جو گهيرو، ڀڃ ڊاهه، رينجرز طلب

ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگھڙي شهر جي مرڪزي امام بارگاھ باب العلم اڳيان ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل تي سوار ٽن نوجوانن پاران هوائي فائرنگ ڪئي وئي هوائي فائرنگ ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا،مڇريل ماڻهن موٽرسائيڪل جي ڀڃ ڊاھ ڪري سم نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو،جنهن کانپوء وڏي انگ ۾ ڪاوڙيل ماڻهن شهر جو رخ ڪيو بازارون ۽ دڪان بند ڪرائڻ بعد ڊگھڙي ٿاڻي تي پهچي ڀڃ ڊاھ ڪري ٿاڻي جي درين جا شيشا ٽوڙي اڳيان بيٺل موٽرسائيڪل کي پڻ نقصان رسايو ويو موقعي تي رينجرز پھچي ضابطو آندو ڊگھڙي پوليس هوائي فائرنگ ڪندڙ مک جوابدار خان قمبراڻي کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو،مرڪزي جلوس ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو جنهن دوران مڇريل نوجوانن پوليس اهلڪار بلال جٽ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ٿاڻي تي پهچي ڊي ايس پي آفيس ۽ ٿاڻي تي پٿراء ڪري شيشا ٽوڙي هنگامو ڪرڻ بعد پاڻمرادو روانا ٿي ويا،پوليس ٻن شڪي نوجوانن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو هوڏانهن شيعا مذھبي اڳواڻ موجب هوائي فائرنگ ڪندڙ نوجوان اسانجي جلوس مٿان فائرنگ ڪئي سازش ڪندڙ ماڻهن کي پوليس منظرعام تي آڻي‚ ڀڃ ڊاھ ڪندڙ شرپسند مڇريل ماڻهن جو اسان سان ڪوبه واسطو ناهي،ٻي طرف ڊگھڙي پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ نوجوان جو سندس ئي برادري جي پاڙيسرين سان ذاتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن ڪري واقعو پيش آيو،آخري اطلاع تائين ٻنهي واقعن جا ڪيس داخل نه ٿي سگهيا هئا۔