| ڊگھڙي ۽ ڀرپاسي اٽو مهانگو، ڪلو 130 رپين جو ٿي ويو |
ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگھڙي شھر ۽ ٻهراڙين ۾ چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن اٽي جو اگھ 130روپيا ڪلو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور ۽ پورهيت طبقو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي،چڪي مالڪ ۽ دڪاندار مهانگي اگھ تي اٽو وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن خلاف تعلقي انتظاميه پاران ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي،آبادگارن ۽ سڄاڻ ڌرين سيد غلام مرتضي شاھ،ڪاشف اڪبر جوڻيجو،غلام رسول ڪلوئي،پريم راٺوڙ ڪولهي،منور نوحاڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته آبادگارن ۽ هارين کان سستي اگھ تي ڪڻڪ خريد ڪري گدام ڀريا ويا ۽ جڏهن انهي ڪڻڪ جو اٽو مارڪيٽ ۾ آيو 130رويپا في ڪلو وڪامي رهيو آهي جيڪو نه صرف مسڪين ماڻهن ان سان گڏ آبادگارن ۽ هارين سان به ظلم آهي،مزدور ۽ هاري طبقو اٽو مهانگي اگھ تي وڪرو ٿيڻ ڪري ٻن ويلن جي ماني جي لاء پريشان آهي،اسان لاڳاپيل کاتي جي اعلي اختيارين ۽ وسوارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اٽي سستو ڪري چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن کي مناسب اگھ تي وڪرو ڪرڻ جو پابند بڻائي۔