ڪڻڪ جو امدادي اگهه ساڳيو 4000 رپيا برقرار: فوڊ گدامن جي پڙتال جو حڪم: افغانين جي نيڪالي لاءِ ساڍا 4 ارب منظور

آڪٽوبر 31, 2023

ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم ) سنڌ ڪابينا ماڙي جلباڻي ۾ مقابلو ڄاڻائي ماريل 4 ڳوٺاڻن جي وارثن لاءِ 80-80 لک ۽ زخمين جي علاج لاءِ 20، 20 لک  رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪالهه نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪابينا جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ مشاورت بعد غيرقانوني پرڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِساڍا 4 ارب رپين جو خاص فنڊ  قائم ڪيو ويو، وڏي وزير  چيو ته پرڏيهين جي واپسي لاءِ  گهربل فنڊ مهيا ڪيا ويندا

اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ جيڪب آباد مان پرڏيهين کي واپس اماڻڻ جو پلان مڪمل آهي

سنڌ ڪابينا پرڏيهين جي سندن ملڪن ڏانهن واپسيءَ تي ٿيندڙ خرچن جي نگراني لاءِ ڪاميٽي به قائم ڪري ڇڏي، اجلاس جي شروعات ۾ ڪابينا ميمبرن  غزه تي اسرائيلي جي غيرانساني حملن ۽ فلسطين ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل عام جي سخت مذمت ڪندي چيو ته قابض اسرائيلي فوج شهرين کي نشانو بڻايو، ايستائين جو اسپتالن کي به  بخش  نه ڪيو ويو

ڪابينا فوري طور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو ته بي رحماڻا حملا عالمي قانون جي سراسر خلاف ورزي آهن. ڪابينا چيو ته اسرائيلي حملا انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهن، سنڌ ڪابينا پرڳڻي ۾ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار/ اجرت 32000 رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Leave A Comment