ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي چيو آهي ته جيڪڏهن ڌانڌلين سان ڀرپور اليڪشن کي رد نه ڪيو ويو ته انارڪي پيدا ٿيندي
جي ڊي اي اڳواڻن صفدر عباسي، لياقت جتوئي، حسنين مرزا ۽ ٻين ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سياسي مخالفن تي ڪيس داخل ڪري گهر ڊاٿا پيا وڃن، گهرو ويڙهه جهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن
سندن چوڻ هو ته چيو ته اليڪشن واري رات 90 سيڪڙو پرزائيڊنگ آفيسر تبديل ڪيا ويا، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٽي ايل پي کي به چونڊن بابت خدشا آهن
جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته پير پاڳارو سنڌ جو آواز آهي جڏهن ته جي ڊي اي ئي سنڌ جي ماڻهن جي واحد اميد آهي پر انکي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي
هنن چيو ته چيف جسٽس سنڌ جي صورتحال جو نوٽيس وٺي، ، سنڌ جا ماڻهو فاشسٽ ڪارروائين جي مزاحمت ڪندا، احتجاج هر صورت ۾ ڪيو ويندو