| “ڌانڌليون ٿيون”: سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون چئلينج |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ هارايل3 اميدوارن پاران بي ضابطگين خلاف درخوادستون داخل، جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ٽربيونل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندو, درخواستگذار وڪيل جاويد ڇتياري چيو آهي ته اولهه مان ڪامياب ٿيل ارون پرساد جعلي رهائشي ايڊريس ظاهر ڪئي، ايڊووڪيٽ فهيم ضياء درخواست ۾ چيو آهي ته ضلعي سينٽرل مان ڪامياب ٿيندڙ اتان جون رهائشي ناهي، وڪيل اشفاق ستي چيو آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل هر پنجن سالن بعد ٺهندڙ رول نه ٺاهيو، 2 سئو کان وڌيڪ فوتي وڪيلن جا نالا ووٽر لسٽ مان خارج ناهن ٿيا، نامزدگي في 25 هزار بدران پنجن لک مقرري بعد 2 لک ڪئي وئي، وڪيل وهاب انصاري چيو آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ 17 پولنگ بوٿن جي رزلٽ روڪي هئي، انهي ڪري بار ڪائونسل جي نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.