ڌانڌلي ذريعي ايندڙن جي ڪڏهن به بعيت نه ڪنداسين، اهڙن حڪمرانن سان جھيڙو آهي: مولانا فضل الرحمان

ڌانڌلي ذريعي ايندڙن جي ڪڏهن به بعيت نه ڪنداسين، اهڙن حڪمرانن سان جھيڙو آهي: مولانا فضل الرحمان

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 27 هين آئيني ترميم کي رد ڪندي ن ليگ جي ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته اسان ملڪ کي حڪمرانن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي نه ٿا سگهون، حڪمران غرور ۾ آهن پر مان ڌانڌلي جي ذريعي اچي اسيمبليون خريد ڪندڙن کي نه ٿو مڃان ڇاڪاڻ عوام جي راءِ کي تبديل ڪندڙ جي هٿن تي عوام جي بيعت ئي ناهي، ڌانڌلي ڪري باڪس تبديل ڪري ڪوڙ ڳالهائي پئسا ڪمايا وڃن ته پوءِ بيعت نه ٿي رهي، پر اسان ان جا قائل ناهيون، اسان اهڙن حڪمرانن جي هٿن تي بيعت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون ته پوءِ اهڙن حڪمرانن سان اسان جو جهيڙو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام طرفان جامعه اسلاميه ۾ منعقد ڪيل دستار فضيلت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سال اڳ 26 هين آئيني ٿي جنهن ۾ جميعت هڪ مهينو هڪ هفتو ڳالهيون ڪري انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، 26 هين ترميم کي سمورن غلطين کان پاڪ ڪري اسان انهن ترميمن کي اسيمبليءَ ۾ آڻڻ تي مجبور ڪيو. اسان ان ترميم ۾ وياج جي مڪمل خاتمي، ديني مدرسن جي رجسٽريشن، وفاقي شرعي عدالت کي طاقتور بڻائڻ، اسلامي نظرياتي جي سفارشن کي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ آڻڻ جو فيصلو ورتو. هڪ سال گذري ويو آهي پر اسلامي نظرياتي جي سفارشن کي بحث لاءِ پيش نه ڪيو ويو آهي، ان مان هنن جي بدنيتي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هڪ سال اڳ توهان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه هئي ۽ هاڻي سال کان پوءِ اها اڪثريت ڪٿان پيدا ٿي، ڇا ڪي چونڊون ٿيون ۽ نوان نتيجا سامهون آيا ان جو معنيٰ آهي ته توهان نمبر خريد ڪري انهن جا هٿ مروڙي، تشدد ڪري جبر جي بنياد تي اڪثريت بڻايو آهي پر پوءِ ان بنياد تي اڪثريت جا پاس ٿيل 27 هين آئيني ترميم کي اسين نه ٿا مڃون، خدا جو خوف آهي يا نه، هن محاذ تي اسان جي جدوجهد جاري رهندي، هن چيو ته تازو هنن هڪ اقليتي ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪڏهن هڪ شق کي بالادستي ڏني وڃي ته پوءِ آئين جي بالادستي ختم ٿي ويندي.هن چيو ته اسان جا پنهنجا حڪمران ئي اسلامي معاشري کي تباهه پيا ڪن،سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو ملڪ اسلامي جمهوريه سڏائي ٿو، ان ملڪ جا حڪمران زنا لاءِ آسانيون پيدا ڪن ۽ جائز نڪاح لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪن ٿا،ان موقعي تيجي يو آءِ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايم اين اي عبدالغفور حيدري خطاب ڪندي چيو ته حڪمران غلامي کي آزاديءَ تي ترجيح ڏين ٿا انهن تي ڀروسو نه ڪيو وڃي. جيڪي ڪالهه عمران خان سان گڏ هئا اڄ اهي توهان سان گڏ آهن، سڀاڻي ڪو ٻيو آمر ايندو هي وري ان کي به سلام ڪندا. هن چيو ته سولين بيوروڪريسي، ملٽري بيوروڪريٽرس جا ڪردار آئين ۾ طئي ٿيل آهن پر اختلاف اتي اچي ويندو آهي جڏهن آئين جي لتاڙ ٿيندي آهي.ڪانفرنس کي جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.