ڌاٻيجي جي ساحلي پٽي ۾ ماحول دشمنن جا ديرا، وڻن جي واڍي

آگسٽ 20, 2023

ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي جي ساحلي پٽي جي مختلف علائقن ليٽ، لڌيا، ڄار برانچ، پهرين نالي، ڪوسٽل هائي وي سميت مختلف علائقن ۾ بااثرن

پاران ڄار جي وڻ ڪٽائي ڪري هيوي ٽرڪن ذريعي ٻين شهرن ۾ وڪرو ڪرڻ لڳا انهي موقعي تي علم دين رند، صاحب خان روشن ۽ ٻين ٻڌايو ته بااثرن پاران سياري جي منڌ ويجهي ايندي ئي ڀرپاسي علائقن ۾ ڪوئلن جا کاڻيون ٺاهي ڪري مقامي ماڻھن سان ملي

ڪري ڄار ۽ کٻڙ جي وڻ جي وڍاي ڪري ٻين شهرن سميت لوڪل ڪوئلو ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ٿو وڃي جنهن سبب ڄار جو وڻ ناياب ٿيڻ لڳو هنن ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين وس واران کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽس وٺي ڪري ڄار جي وڻن جي نسل ڪشي روڪرائي وڃي

Leave A Comment