| ڌاٻيجي سالٽ ورڪس کي ڏنل 435 ايڪڙ جي غيرقانوني ليز رد، زمين سرڪار حوالي ڪرڻ جو حڪم |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو ڪراچي جي جاچ دوران ضلعي ٺٽي جي ڌاٻيجي واري علائقي ۾ 435 ايڪڙ قيمتي سرڪاري زمين بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سنڌ جي روينيو کاتي ڌاٻيجي سالٽ ورڪس کي ڏنل 435 ايڪڙ سرڪاري زمين جو غيرقانوني ٺيڪو رد ڪري، زمين سنڌ سرڪار جي حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. قومي احتساب بيورو موجب زمين جي اندازي مطابق ماليت 2 ارب 61 ڪروڙ رپيا آهي. قومي احتساب بيورو ڪراچي موجب ساجد هارون ۽ فواد انور، ڌاٻيجي سالٽ ورڪس ۽ ايڪوا فوڊ سميت ٻين خلاف هلندڙ جاچ جو تعلق ڪوڙين لکتن جي بنياد تي سرڪاري زمين جي ٺيڪي ۾ غيرقانوني ۽ بنا اجازت والار ڪئي. نيب جي مداخلت ۽ لاڳاپيل روينيو اختيارين سان لکپڙهه کانپوءِ 20 آگسٽ 2026ع تي 435 ايڪڙ زمين جو غيرقانوني ٺيڪو رد ڪيو ويو. جاري ڪيل حڪم موجب زمين ديهھ گھارو، تپو گھارو، تعلقو ميرپور ساڪرو، ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي ۽ سروي کانسواءِ زمين سرڪاري طور ڄاڻايل آهي. نيب حڪم ۾ چيو ويو آهي ته 16 جون 2025ع تي زمين ڏيڻ جي شرطن جي ڀڃڪڙي بابت ڌاٻيجي سالٽ ورڪس کان وضاحت طلب ڪئي وئي، پر مقرر وقت اندر ڪا وضاحت پيش نه ڪئي وئي. حڪم موجب 8 فيبروري 2023ع تي لوڻ ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ 30 سالن تائين زمين ڏيڻ بابت لکت جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ وڏي وزير جي منظوري جو حوالو ڏنو ويو، پر جاچ ۾ معلوم ٿيو ته اهڙي منظوري لاءِ وڏي وزير آڏو ڪا سمري پيش ئي نه ڪئي وئي هئي. اهڙي ريت 16 اپريل 2025ع تي آبي پوک لاءِ زمين استعمال بابت جاري ڪيل لکت کي به ڪوڙي، جعلي ۽ هٿرادو قرار ڏنو ويو. حڪم ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ آثار قديمه واري مشن پاران جهينگا پالڻ سبب تاريخي ڀنڀور جي آثارن کي نقصان پهچڻ بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي هئي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کان ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي هئي. روينيو کاتي موجب لوڻ ٺاهڻ جو ٺيڪو ۽ سرڪاري زمين ڏيڻ جا معاملا الڳ آهن. لوڻ سان لاڳاپيل معاملو کاڻين ۽ معدنيات واري کاتي جي دائري ۾ اچي ٿو، جڏهن ته زمين ڏيڻ جو معاملو روينيو کاتي جي ذميواري آهي. نيب اختيارين سپريم ڪورٽ جي 28 نومبر 2012ع واري حڪم جو حوالو ڏيندي سرڪاري زمين جي ورهاست، ٺيڪي يا مالڪي واري حيثيت تبديل ڪرڻ تي لاڳو پابندي جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. ان بنياد تي 30 سالن جي وڌيڪ عرصي لاءِ زمين ڏيڻ بابت 2 مارچ 2023ع واري لکت ختم، جڏهن ته آبي پوک بابت 16 اپريل 2025ع واري لکت کي بي اثر قرار ڏنو ويو. حڪم موجب ڌاٻيجي سالٽ ورڪس جي نالي تي 435 ايڪڙ زمين بابت سرڪاري رڪارڊ ۾ ڪيل سموريون داخلائون ۽ ان کان پوءِ ٿيل معاملا ختم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ڌر کي 15 ڏينهن اندر زمين سنڌ سرڪار حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. حڪم جون ڪاپيون لاڳاپيل کاتن، ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر، حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر، رجسٽريشن ۽ سروي وارن کاتن ۽ قومي احتساب بيورو ڪراچي سميت لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪليون ويون آهن.