ڌاٻيجي ۾ پبلڪ پارڪ تي وري قبضي جي ڪوشش، شاپنگ سينٽر جو ڪم شروع، شهرين ۾ تاءُ
ڊسمبر 8, 2024
ڌاٻيجي (رپورٽ: شبيرعلي جوکيو) ڌاٻيجي ۾ پبلڪ پارڪ تي ٻن سالن بعد وري قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. 2022ع ۾ عوامي پارڪ کي ختم ڪري اتي وڏي پلازه جي تعمير جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. جيڪو شهرين جي احتجاج بعد بند ڪرايو ويو هو. ڪم 2 سالن کان مسلسل بند پيل هو، پر گذريل ڏينهن کان هڪ ڀيرو ٻيهر پبلڪ پار جي زمين تي مٽيريل لهرائي شاپنگ سينٽر جو اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، اهڙي اطلاع تي شهرين توڙي سياسي سماجي مذهبي ۽ قومپرست ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل آهي، ان سلسلي ۾ روشن ڀوپاڻي، سيد حبدارشاهه، شاھد سمون ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان جي صبر کي للڪاريو پيو وڃي، اهڙو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، تڪ جي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ۽ ڊي سي نوٽيس وٺي ڪم بند نه ڪرايو ته احتجاج سان گڏ مزاحمت به ڪنداسين، ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي يوسي ڌاٻيجي جي چيئرمين سري عام هلندڙ تعميراتي ڪم کان بيخبري ظاهر ڪندي چيو ته مونکي پارڪ تي هلندڙ ڪم جي ڄاڻ ناهي، سومر تي آفيس پهچي معامري جي ڄاڻ وٺندس، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ضلع ڪائونسل جي چيئرمين عبدالحميد پهنور پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي سدائين عوام جي فلاح لاءِ منصوبا ڏنا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين، جلد پارڪ تان قبضو ختم ڪرايو ويندو.