ڌاڙيلن جو ساٿي مارڻ تي باقي مغوين مٿان وحشياڻو تشدد، وڊيو جاري

جُون 4, 2023

ڏهرڪي/رائونتي (رپورٽر) رائونتي ۾ مغوين پاران ڌاڙيل کي مارڻ بعد ڌاڙيلن پاران باقي بچيل مغوين جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، جيڪا وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ مغوري رتورت نظر اچي رهيا آهن، مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آهي

ڌاڙيلن هٿان مارجي ويل ٻن مغوين جا نالا اڪرام ۽ ياسين ٻڌائڻ سميت فيصل آباد جا رهواسي ڄاڻايا ويا آهن، پنجاب ۽ سنڌ پوليس حدن جا تڪرار ڄاڻائي ڌاڙيلن کان لاش به نه وصول ڪري نه سگهي آهي، لاش ۽ مغوي ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن

واضح رهي ته رائونتي واري ڪچي ۾ پهري تي ويٺل ڌاڙيل نوٿو شر  کي ننڊ اچي وئي ته مغوين سندس رائيفل کڻي فائر ڪري کيس ماري ڇڏيو

مارجي ويل ڌاڙيل جي ساٿين جي فائرنگ ۾ 2 مغوي قتل ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، پوليس موجب واقعو ماڇڪو ٿاڻي جي حد چوڪي  نمبر  هڪ  تي  پيش آيو

رائونتي پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن وٽ 6 مغوي يرغمال بڻيا هئا، جن مان 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو

رائونتي پوليس ۽ پنجاب پوليس پاران مارجي ويل مغوين جا لاش هٿ ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن

Leave A Comment