ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن جو اعلان:پنجاب ۾ به ساڳئي وقت ڪارروائي ٿيندي: گهرووزير  

ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن جو اعلان:پنجاب ۾ به ساڳئي وقت ڪارروائي ٿيندي: گهرووزير  

سکر (بيورو رپورٽ)صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن ڪيو ويندو، ڌاڙيلن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي کانسواءِ ڪو به آپريشن ڪامياب نه ٿيندو، آپريشن ۾ سنڌ پوليس سان گڏ رينجرس موجود آهي، فوج جي ضرورت ناهي، اميد آهي ته جلد ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ويندو، سردارن سان ڳالهايو آهي جلد مهر- جتوئي تڪرار جو ٺاهه ٿيندو، ڊي آءِ جي سکر آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کان پوءِ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ حسين لنجار، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن ڪرڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، ڪچي ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا ويندا، ڪجهه حلقن ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪچي ۾ آپريشن سست ٿي ويو آهي، جيڪو تاثر صحيح ناهي. هاڻي فيصلائتو آپريشن ڪيو پيو وڃي. هن وقت اسان جو مک هدف ڪشمور ۽ گھوٽڪي جا علائقا آهن، جتي ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويندو. صوبائي گهرو وزير چيو ته جيڪي ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪندا، انهن سان قانون مطابق نرمي ڪئي ويندي، پر جيڪي پاڻ کي چيمپيئن سمجهن ٿا، انهن لاءِ ڪا به رعايت نه هوندي ۽ اهڙن ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس وٽ ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي. سنڌ پوليس ۽ رينجرز گڏيل طور تي آپريشن ڪري رهيا آهن، ان لاءِ هن وقت فوج جي ضرورت ناهي. ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور جي ڪچي ۽ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. مسافر بس جي مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس سان گڏ لاڳاپيل ادارن تعاون ڪيو. امن امان جي بحالي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اڄ واري ميٽنگ ۾ طئي ٿيو آهي ته ڪچي ۾ گرينڊ آپريشن ڪيو ويندو. جيڪي هٿيار ڦٽا ڪندا انهن کي موقعو ڏنو ويندو ته هو پنهجي ڪيسن کي قانوني طور منهن ڏين. ٻئي صورت ۽ مقابلن ۾ ڏوهاري ماريا ويندا. هن چيو ته مهر جتوئي قبيلائي تڪرار جي خاتمي لاءِ سردارن سان ڳالهايو آهي، جلد ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو ٺاهه ٿي ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي گڏيل ڪوششن سان ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن جا بهتر نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته جيستائين ڌاڙيلن جي سهولتڪارن خلاف ڪاروائي نه ٿيندي تيستائين ڪو به آپريشن ڪامياب نه ٿيندو. ان کان اڳ صوبائي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار جي صدارت هيٺ ڊي آئي جي آفيس سکر ۾ اجلاس منقعد ٿيو. سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن ۾ امن امان جي حوالي سان لاڳاپيل ضلعن جي ايس ايس پيز بريفنگ ڏني.